
اردن جو جهنڊو

اردن جو نقشو

اردن جو نقشو
اردن جو هڪ شهر

اردن جو قديم ماڳ
اردن: اردن ايشيا جو اسلامي ملڪ آهي، جيڪو وچ اوڀر ۾ واقع آهي. هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”اللمملڪة العربية الاردنية الهاشمية“ آهي. اردن جي اتر ۾ شام، اتر اوڀر ۾ عراق، اوڀر ڏکڻ ۾ سعودي عرب، اولھہ ۾ اسرائيل جھڙا ملڪ آهن. اردن جي پکيڙ 37297 چورس ميل، يعني 97740 چورس ڪلوميٽر آهي. اردن جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ اُهو حصو بہ شامل آهي، جيڪو 1947ع واريءَ جنگ دوران اسرائيل پنھنجي قبضي ۾ آندو هو. اردن جي 2007ع جي آدمشماري موجب اردن جي آبادي 5967000 ماڻهن تي مشتمل آهي. اردن جي گاديءَ واري هنڌ جو نالو ’عمان‘ آهي. اردن ۾ عربي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’اردني دينار‘ آهي. هتي 94 سيڪڙو مسلمانن جي آبادي آهي، جڏهن تہ 4 سيڪڙو عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. اردن کي انگريزيءَ ۾ ”جارڊن“ چئبو آهي. اردن جو سڪو دينار آهي، جنهن ۾ هڪ هزار فلس هوندا آهن. اردن جا اهم شھر عمان، اقبال، زرقا، اربيد ۽ ڪارڪ آهن. اهم زراعت ۽ ميوا، ڪڻڪ، جَوَ، پٽاٽا، بصر، ڪيلا، زيتون ۽ انگور آهن.
اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين اردن، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو، پر سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کان پوءِ اردن ترڪيءَ جي قبضي کان آزاد ٿيو. اقوام متحدہ پاران ”مينڊيٽ سسٽم“ جوڙيو ويو، جنهن جو مقصد آزاديءَ جي لائق ملڪن جي مدد ڪرڻ هو، ان ڪري 1922ع ۾ اردن برطانيہ جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. برطانيہ سڀ اصول ٽوڙي، اردن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ 24 سالن تائين پنھنجي مرضي هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ اردن آزاد ٿيو. اردن جو پهريون سربراھہ امير عبدالله بڻيو. 1948ع ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن اسرائيل نالي نئون ملڪ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي اردن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. اردن جي ڪجهہ علائقن تي قبضو ڪيو ويو. 1951ع ۾ امير عبدالله کي يروشلم ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ طلال تخت نشين ٿيو، ان بعد 1952ع ۾ سندس پٽ شاھہ حسين تخت تي ويٺو، 1955ع ۾ اردن اقوام متحدہ جو ميمبر بڻيو. 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي. اسرائيل يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. 26 آڪٽوبر 1994ع تي اردن ۽ اسرائيل ۾ ٺاھہ ٿيو، جنهن ۾ 50 سالن کان هلندڙ دشمنيءَ جو خاتمو آيو. 1999ع کان شاھہ حسين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاھہ عبدالله تخت تي ويٺو. اردن جو 12 سيڪڙو حصو زراعت جي لائق آهي. باقي حصو ويران آهي. هتي ميوو ۽ سبزي چڱي مقدار ۾ ٿئي ٿي. اردن مان فاسفيٽ ۽ پوٽاش جهجهي انداز ۾ نڪرن ٿا.
wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Jordan
1947.00.00 عيسوي
اردن جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ اُهو حصو به شامل آهي ، جيڪو 1947ع واريءَ جنگ دوران اسرائيل پنهنجي قبضي ۾ آندو هو .
0600.00.00 عيسوي
اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو . ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو . سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين اردن ، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو
1946.00.00 عيسوي
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ اردن آزاد ٿيو .
1955.00.00 عيسوي
1955ع ۾ اردن اقوام متحده جو ميمبر بڻيو .
1994.10.26 عيسوي
1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي . اسرائيل يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو . 26 آڪٽوبر 1994ع تي اردن ۽ اسرائيل ۾ ٺاهه ٿيو ،