اردو ڊڪشنري بورڊ

: اردو ڊڪشنري بورڊ 1958ع ڌاري اردو زبان جي وڏي عالم، محسن ۽ اديب، باباءِ اردو مولوي عبدالحق، هڪ اداري طور ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو. هن جي جوڙجڪ ۾ اردوءَ جا ناميارا اديب شامل رهيا آهن، جڏهن تہ سنڌي عالمن مان پير سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيا پڻ هن اداري سان لاڳاپيل رهيا. هن بورڊ جي سربراهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فرمان فتحپوري، پروفيسر ڊاڪٽر اسلم فرخي ۽ ڊاڪٽر جميل جالبي وغيرہ رهيا آهن ۽ هن وقت ان جي چيف ايڊيٽر اردو زبان جي مشھور شاعرہ فھميدہ رياض آهي.
اردو ڊڪشنري بورڊ هن وقت تائين اردو لغت جا ايڪيھہ جلد شايع ڪري چڪو آهي ۽ ٻاويهين جلد تي ڪم هلندڙ آهي.
27 جنوري 2007ع تي ڪيبينيٽ ڊويزن جي هڪ فيصلي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي تعليم واري وزارت کي اردو سائنس بورڊ ۽ نئشنل بڪ فائونڊيشن سان گڏي هڪ اداري بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. تازو 2 جون 2009ع تي نئشنل بڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ اردو سائنس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل وزارت تعليم جي عملدارن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ ان فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي وزارت تعليم هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو، جنهن مطابق اردو سائنس بورڊ، نئشنل بڪ فائونڊيشن ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ کي ملائي هڪ ادارو بنايو ويندو، ان فيصلي جي اردو ڊڪشنري بورڊ جي ملازمن ۽ موجودہ چيف ايڊيٽر فھميدہ رياض پاران پهرين جولاءِ 2009ع واري ڊان اخبار ۾ آيل هڪ خبر موجب مخالفت ڪئي وئي ۽ تصديق ڪرڻ تي پاڻ ٻڌايائين تہ اهڙو ساڳيو خط وفاقي حڪومت واري سيڪريٽري تعليم کي بہ لکيو ويو آهي.
حڪومت طرفان اهڙي نوٽيفڪيشن ڪڍڻ جو پس منظر اهو آهي تہ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل هڪ پٽيشن جي جواب ۾ فيصلو ٿيو هو تہ ٺهرائن/رزوليوشنن ذريعي قائم ڪيل ادارا ان وقت تائين حڪومت جا ذيلي ادارا رهندا، جيستائين انهن جي حيثيت قانون سازيءَ ذريعي خودمختيار نٿي ڪئي وڃي.


لفظ اردو ڊڪشنري بورڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.00.00  عيسوي

اردو ڊڪشنري بورڊ 1958ع ڌاري اردو زبان جي وڏي عالم، محسن ۽ اديب، باباءِ اردو مولوي عبدالحق، هڪ اداري طور ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ
پاڪستان هاڪي فيڊريشن
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
سنڌي اڪيڊمي دهلي
جمعيت الشعراءِ سنڌ
انجمن حسيني
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
زمين دوست
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن
سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون