ارشاد علي شاهه

ارشاد علي شاهه

ارشاد علي شاھہ

ارشاد علي شاھہ: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمئن، سيد ارشاد علي شاھہ ولد سيد خير محمد شاھہ، ڳوٺ وهاب شاھہ، ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾، پھرين جنوري 1950ع تي پيدا ٿيو. هن جو ڪاظمي سيد ۽ مٽياروي ساداتن جي جرارپوٽا خاندان سان تعلق هو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان، ثانوي تعليم مڊل اسڪول مير حسن مريءَ مان ۽ مئٽرڪ شاھہ عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊي آدم مان ڪئي. ان بعد مسلم ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪري حيدرآباد جي نامياري وڪيل حسن محمود بيگ سان گڏجي وڪالت جي شروعات ڪئي. ان کان اڳ ڪجهہ وقت ڪلرڪ رهيو ۽ يونين ڪائونسل جو، سيڪريٽري بہ رهيو. وڪالت دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جو امتحان پاس ڪري، سنڌ جي عدليه ۾ 1976ع ۾ شامل ٿيو. سيد ارشاد علي شاھہ ڪنڌڪوٽ، سيوهڻ ۽ ميرپورخاص ۾ سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ بہ ٿي رهيو. ان بعد سينئر سول جج ۽ اسسٽنٽ سيشن جج جي حيثيت ۾ پروموشن وٺي سانگهڙ ۽ ڪراچيءَ ۾ خدمتون انجام ڏنيون. سيد ارشاد علي شاھہ 1988ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عھدي تي ترقي وٺي شڪارپور، نواب شاھہ ۽ ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪئي. 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل رجسٽرار (ايڊمنسٽريشن) جي عھدي تي مقرر ٿيو ۽ اتان 1995ع ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عھدي تي ترقي وٺي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ڪراچي سائوٿ، دادو، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاھہ ٿي رهيو. پاڻ جج بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي، اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۽ پرزائيڊنگ آفيسر ليبر ڪورٽ لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ڪراچي بہ رهيو. ارشاد علي شاھہ 2010ع ۾ سنڌ جي عدليه مان ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. ان بعد چيئرمئن انڪروچمينٽ ٽريبيونل حيدرآباد ۾ ڪجهہ وقت لاءِ خدمتون انجام ڏنيون. ان کانسواءِ جنوري 2011ع کان هو چيئرمئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدآباد جي عھدي تي پڻ مقرر ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سيد ارشاد علي شاھہ شاگرديءَ واري دؤر کان سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ جاکوڙيندو رهيو. ڪيترين تنظيمن جو عھديدار رهيو ۽ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي فنڪارن سندس ڪلام ڳايو آهي. ان کانسواءِ هو نجوم، رمل، جفر ۽ راڳ جي علم ۾ بہ چڱي ڄاڻ رکندو هو. سندس علم نجوم تي هڪ ڪتاب ’روشنيءَ جون رمزون‘ (2006ع) ڇپجي چڪو آهي، جنھن ۾ ڪواڪبن، چنڊ ۽ ڪھڪشائن جي حرڪت ۽ اثرن جو ذڪر، برجن جا درجا ۽ ان ۾ ڪواڪب علويات، سفليات، انھن جو حجم، فاصلو، مدار رفتار ۽ ڪواڪبن جي مختلف برجن ۾ حالت شرف، اوج ۽ بال، هبوط ۽ خفيف جو بيان ٿيل آهي. 18 نومبر 2020ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ارشاد علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.01  عيسوي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمئن، سيد ارشاد علي شاهه ولد سيد خير محمد شاهه، ڳوٺ وهاب شاهه، ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾، پهرين جنوري 1950ع تي پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪليم ٻٽ
شاھہ حيدر سنائي سيد
ابڙو علامہ مستانو سيوهاڻي
بشر بن دائود المهلبي
عمرالدين زرداري
اي بي صدا لاشاري
صفائي بکري
پير آف راڻيپور
حاجب رام
چنا منير احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون