ارم محبوب

ارم محبوب

ارم محبوب

ارم محبوب: سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ارم محبوب مئٽرڪ تائين تعليم سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتي، گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ گورنمينٽ (زبيدہ) گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين. ارم محبوب، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جھڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس انگريزي شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي “Children’s Dawn” ۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1990ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ 1995ع کان لڳاتار ڪجهہ سال ان جي فيچر ايڊيٽر رهي. ارم محبوب جي نثري نظمن جو مجموعو ’منهنجي ڌرتي‘ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي 1993ع ۾ نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن 1997ع کان صحافت ۾ بہ حصو ورتو. ان ڏس ۾ ”ٽين ايجر“ رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، آغا سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪالم پڻ لکيا.


لفظ ارم محبوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.03.16  عيسوي

ارم محبوب: سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آدم هنڱورجو
علي بخش ڪمتر
اظهر ريلائي
لڇمڻ دُبي
جويو خاڪي
ادل سومرو
فقير نواب ولي محمد خان لغاري
گوورڌن شرما گهايل
پرويز سجاد حيدر
رحيمداد راهي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون