ارنيسٽ ٽرمپ

ارنيسٽ ٽرمپ

ارنيسٽ ٽرمپ

ارنيسٽ ٽرمپ: سنڌي ٻوليءَ جو مغربي محقق ارنيسٽ ٽرمپ، 13 مارچ 1828ع تي، جرمنيءَ جي شھر السفيلڊ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جارج ٿامس ٽرمپ هو، جيڪو هاري هو ۽ گذر سفر لاءِ ڪڏهن ڪڏهن واڍڪو ڪم ڪندو هو. ارنيسٽ ٽرمپ چئن سالن جي عمر ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. سندس انهيءَ شوق کي ڏسندي سندس والد کيس ڀر واري هاءِ اسڪول ۾ تعليم لاءِ موڪليو، جتي هن لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون سکيون، 17 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ هن امتحان پاس ڪري ورتو. ٽرمپ جي مائٽن کيس پادري بنائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن کي ڏکڻ جرمنيءَ جي مشھور اداري اسٽيفن ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن نہ فقط مذهبي علمن جو مطالعو ڪيو، پر مختلف ٻولين جو اڀياس پڻ جاري رکيو. ٽرمپ کي عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جرمنيءَ کان پوءِ هي لنڊن پهتو، جتي هڪ پرائيويٽ اسڪول مان يوناني ۽ لاطيني ٻوليون پڙهڻ کان پوءِ ايسٽ انڊيا هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبررين طور ڪم ڪرڻ لڳو. هتي ئي چرچ مشنريءَ وارن سندس قابليت ڏسي، کيس هندستان وڃي اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ۽ برطانيا سرڪار بہ هن جي اهڙن ڪتابن ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو. 1854ع ۾ هو پهرين بمبئي پهتو، جتي اچي ”ائنڪلن چرچ“ جو پادري ٿيو ۽ اتي رهائش دوران فارسي زبان ۾ ايتري تہ مهارت حاصل ڪيائين، جو ان ۾ انگريزي ”ڪامن پرائمر بڪ“ جو ترجمو ڪيائين. ڪجهہ وقت کان پوءِ پنھنجي بنيادي پروگرام موجب ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ جي آبهوا ابتدا ۾ هن تي خراب اثر ڪيو، جنهن ڪري ”چرچ مشن“ طرفان هن کي علاج جي خيال سان فلسطين موڪليو ويو، جتي هن عربي زبان جو اڀياس جاري رکيو. فلسطين ۾ رهندي، هن جي هڪ انگريز خاتون سان ملاقات ٿي، جنهن سان 1856ع ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ بہ ڄائو.
هي صاحب 1856ع ۾ وري ڪراچيءَ آيو، جتي هن جي گهرواري بيمار ٿي پئي ۽ آخر گذاري وئي. سال کن بعد وري جرمنيءَ ويو، اتي ٻي شادي ڪري وري سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ ٿورو وقت اچي سنڌ ۾ رهيو. سنڌ ۾ هن سنڌي زبان جو ايترو تہ اڀياس ڪري ورتو، جو 1866ع ۾ ”شاھہ جو رسالو“ هٿ ڪري ۽ پاڻ هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ”الف بي“ جي لوهي ٽائيپ وجود ۾ آڻي، ان جي ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان ان کي جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاھہ جي ڪلام جا 26 سر ڏنل آهن. ان کان اڳ ۾ 1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جا بيت درج ڪيا ويا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هي صاحب ٻيڙيءَ تي چڙهي، سنڌونديءَ رستي 22 ڏينهن جي لاڳيتي مسافريءَ کان پوءِ لاهور پهتو ۽ اتان وري پشاور پهتو، جتي هن پشتو ۽ ڪافري ٻولين جو مطالعو ڪيو. هن ’براهوي زبان‘ جو بہ سٺو مطالعو ڪيو، پشاور ۾ رهندي وري طبيعت خراب ٿي پيس ۽ وطن موٽي ”اسٽگارٽ“ شھر ۾ وڃي رهيو، جتي بہ مشرقي ٻولين جو مطالعو جاري رهيس. 1864ع ۾ پفلنگن شھر ۾ پادري مقرر ٿيو ۽ 6 سالن اندر ڪيترا ڪتاب لکيائين اتي جرمن گهرواريءَ مان ٻہ پٽ ۽ ٻہ نياڻيون ٿيس.
1870ع ۾ برطانوي سرڪار هن کي سِکن جي مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ جي ترجمي جي آڇ ڪئي. 1872ع ۾ گرنٿ جو ترجمو مڪمل ڪيائين، جيڪو 1877ع ۾ ڇپيو، جنهن سان هن کي وڏي شھرت ملي. 1883ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتي هن عربي گرامر ’مروحيه‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مسلسل مطالعي ۽ لکپڙھہ سبب سندس اکيون موڪلائي ويون، جنهن تي هن کي سخت صدمو پهتو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ذهني مريضن جي اسپتال ۾ گذريا. 5 اپريل 1885ع تي هيءُ عظيم اسڪالر، 57 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالماڻا ۽ فاضلاڻا آهن. 19 هين صديءَ جي آخر ڌاري سندس قائم ڪيل اهي رايا اڄ بہ ڪنهن حد تائين درست تسليم ڪيا وڃن ٿا. البت سندس اهو رايو تہ ”سنڌي ٻولي نج سنسڪرتي ٻولي آهي يا سنسڪرت ئي سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو آهي“، اڄ جي لسانيات جي ماهرن جي نظر ۾ رد ٿي چڪو آهي. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو، جنهن ۾ هن سنڌيءَ جون ڪيتريون بناوٽون شاھہ لطيف جي بيتن مان مثال ڏئي سمجهايون، ٽرمپ جي گرامر ۾ ڪيترائي اهڙا اشارا ملن ٿا، جن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جدا حيثيت ۽ نرالائيءَ کي پڻ نروار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر بہ لکيو، ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو تہ ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. ان کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ تنقيد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ تحقيق ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيہ لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيرہ تي لکيائين.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جون سنڌي ٻوليءَ ۽ شاھہ جي رسالي لاءِ ڪيل خدمتون يادگار آهن ۽ سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث آهن. هو سنڌي لسانيات ۽ لطيف شناسيءَ واري ميدان ۾ سدائين زندھہ رهندو.


لفظ ارنيسٽ ٽرمپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1828.03.13  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مغربي محقق ارنيسٽ ٽرمپ، 13 مارچ 1828ع تي، جرمنيءَ جي شهر السفيلڊ ۾ ڄائو


1855.04.05  عيسوي

ارنيسٽ ٽرمپ 5 اپريل 1885ع تي 57 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي اورنگزيب
خان صاحب ڊاڪٽر
شاھہ اسد 1
مير ابوالمڪارم بکري سبزواري
لالا رحيم پٺاڻ
خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر
آسر فقير
عـاقـب جـاويـد
آسيو سوڍو
انور سومرو 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون