ارن ڌتي راءِ

ارن ڌتي راءِ

ارون ڌتي راءِ

ارون ڌتي راءِ: سوزانا ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي شيلانگ، ميگهالا (ڀارت) ۾ پيدا ٿي. هوءَ انگريزيءَ ۾ لکندڙ ڀارت جي سُڄاڻ ليکڪا آهي، جيڪا هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن بہ آهي، جنهن 1997ع ۾ ”بُڪر پرائيز“ (Booker Prize) حاصل ڪيو، جيڪو کيس سندس مشھور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿِنگس“ تي مليو. سال 2002ع ۾ کيس ”لينن ڪلچرل پرائيز“ مليو. هن ڪيترائي مضمون لکيا آهن ۽ هوءَ سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سرگرم ڪارڪن طور سڃاتي وڃي ٿي. ارون ڌتي راءِ جي ماءُ عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عيسائڻ هئي. جنهن جو تعلق شام ملڪ سان هو. جڏهن تہ سندس بنگالي پيءُ، چانھہ جي باغن ۾ ڪم ڪندڙ محنتي شخص هو. ارون ڌتي راءِ ٻہ شاديون ڪيون، سندس پهريون مڙس آرڪيٽيڪٽ هو، ٻيو مڙس پرديپ ڪرشن هو، جنهن سان هوءَ 1984ع ۾ ملي ۽ سندس انعام يافتہ فلم ”ماسي صاحب“ (Massey Sahab) ۾ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيائين. پنھنجي مشھور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿِنگس“ لکڻ جي نتيجي ۾ مالي طور مستحڪم ٿيڻ تائين، هن مختلف ملازمتون ڪيون. سال 1994ع ۾ کيس ان وقت شھرت ملي، جڏهن هن ڦولن ديوي جي نالي سان ٺهيل فلم ”بينڊٽ ڪُئين“ تي تنقيد ڪئي، جيڪا شيکر ڪپور ٺاهي هئي. آگسٽ 2008ع ۾ ”ٽائمس آف انڊيا“ کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ هن ڪشمير جي ڀارت کان آزاديءَ لاءِ وڪالت ڪئي. ارون ڌتي راءِ مدا پاٺڪر سان گڏ نرمادا ڊيم خلاف مھم بہ هلائي ۽ واضح ڪيو تہ ان جي اڏاوت سان 5 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. هن افغانستان ۾ آمريڪي بمباريءَ کي برطانوي اخبار ”گارجين“ کي انٽريو ڏيندي دهشتگردي ڪوٺيو. کيس 2006ع ۾ ”ساهتيہ اڪيڊمي اوارڊ“ ڏنو ويو، جيڪو هن اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو تہ حڪومت آمريڪي پاليسيءَ تي هلندي، صنعتي ورڪرن خلاف ظالماڻي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. هوءَ گانڌيءَ جي ”عدم تشدد“ (اهنسا) (Non- Violence) واري خيال جي پوئلڳ آهي.


لفظ ارون ڌتي راءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.11.24  عيسوي

ارون ڌتي راءِ: سوزانا ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي شيلانگ ، ميگھالا ( ڀارت ) ۾ پيدا ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابو پليجو
قادر بخش نظاماڻي
سيد شبير احمد شاھہ
حسني مبارڪ
چانڊيو عبدالرحمان
امداد حسين (موسيقار)
انمول بلوچ
جنجهي نور احمد
غلام محمد خان لغاري شھيد
انور ڪليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون