اروڙ/الور جو قلعو
اروڙ/ الور: سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي واقع آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور قبل از تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي ڪافي زور ھو. هتي ئي ان کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو آباد ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءَ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو بندرگاهه ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو بندرگاهه ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي تعريف ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. برصغير جي پھرين مسجد محمد بن قاسم جي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي.