ارچڪ مرچڪ رسالو

ارچڪ مرچڪ (رسالو): ٻارن لاءِ پندرهن روزہ هيءُ رسالو ”عبرت گروپ آف پبيليڪشن“ پاران فيبروري 1993ع کان حيدرآباد مان جاري ٿيو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپجندڙ هي رسالو ٻارن ۾ گهڻو مقبول رهيو. ’ارچڪ مرچڪ‘ نالي هن رسالي جا ايڊيٽر مسعود لوهار ۽ قادر ڪنڌر هئا. رسالي ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون، مضمون، شعر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ شايع ٿيندو هو. رسالي جي مستقل خاص ليکڪن ۾ پير نويد شاھہ، وفا مولا بخش قنبراڻي، جاويد سوز هالائي، خالد آزاد، حزب سمون ۽ ٻيا شامل رهيا آهن. هي رسالو ٻہ سال مستقل طور تي شايع ٿيڻ کانپوءِ بند ٿي ويو، بعد ۾ ٻيھر ڪجهہ عرصي لاءِ شايع ٿيو، پر هلي نہ سگهيو. اڳتي هلي ساڳئي نالي سان روزاني ’عبرت‘ ۾ ٻارن جو صفحو شايع ٿيڻ لڳو، جيڪو پڻ ٻارن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هن نالي سان عبرت گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڪيترا سال لڳاتار ٻارن لاءِ ماهوار پرچو ڪڍيو ويو، جيڪو هاڻي بند ٿي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو