ارڏو اترادي

ارڏو اترادي

ارڏو اترادي

ارڏو اترادي: اديب، شاعر ۽ محقق ارڏي اتراديءَ جو اصل نالو ارصلاح ولد کوهدل باجڪاڻي آهي. 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلوالي، تعلقي ڪنڌڪوٽ (هاڻوڪي تنگواڻي) ۾ پيدا ٿيو. ڳوٺ لشڪر خان بجاراڻي، شيران ڀيو ۽ ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مختلف نوڪريون ڪري 1975ع ۾ استاد مقرر ٿيو. 81-1980ع ۾ بي.ايڊ، 1985ع ۾ ايم.اي سنڌيءَ ۾ پاس ڪري 1988ع ۾ H.S.T ٿي 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ارڏي اتراديءَ 1968ع کان شاعريءَ جي شروعات ”اول عاجز“ جي نالي سان ڪئي. سندس شاعري مزاحمتي ۽ انقلابي هئڻ ڪري دوستن جي اصرار تي هن پنھنجو تخلص ”ارڏو اترادي“ رکيو. پاڻ سٺو شاعر هئڻ سان گڏ ڪالم نويس ۽ محقق بہ آهي. سندس هن وقت تائين ڏھہ ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو وچور هيٺين ريت آهي: (1) جنگ جو اعلان (شاعري- 1988ع)، (2) ياد توکي ڪريان (شاعري 2007ع)، (3) تاريخ ۽ اسان - (تاريخ ۽ انٿالاجي نثر 2011ع)، (4) ڪشمور ضلعي جي تاريخ- (نثر 2013ع)، (5) تون مونکي ماري سگهندين- (شاعري 2014ع)، (6) تاريخ جا پيرا-(نثر ۽ نظم 20017ع)، (7) سڄڻ ۽ ساڻيھہ- (يادگيريون 2018ع)، (8) ساڃھہ بنا ڪهڙي سنڌ- (نثر 2018ع)، (9) ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جون ادبي خدمتون، (بي . ايڊ ۾ مونو گراف 1981ع) جيڪو ڪاٺياواڙي ۾ ترجمو ٿي ڇپيو.


لفظ ارڏو اتراديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.05.17  عيسوي

ارڏي اتراديءَ جو اصل سندس اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي آهي . 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ محمد نونداڻي
پاپائيت
علي محمد مست نقشبندي
پرڀداس ويرواڻي
دين محمد لاشاري
ابڙو احمد خان شيدا
آمنہ سومرو ڊاڪٽر
حيدر شاھہ حقاني رضوي سيد
پير حسام الدين راشدي
دولت خان لوڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون