ارڙهن آڪٽوبر واقعي ۾ تباهه ٿيل گاڏيون ۽ باهه جو ڏيک

ارڙهن آڪٽوبر واقعي ۾ تباهه ٿيل گاڏيون ۽ باهه جو ڏيک

ارڙهن آڪٽوبر

ارڙهن آڪٽوبر، واقعو: ارڙهن آڪٽوبر واري واقعي کي ’ڪارساز سانحو‘ بہ سڏيو وڃي ٿو. 2007ع ۾ جڏهن محترمہ بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي هئي تہ ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ ايئرپورٽ کان بلاول هائوس ڏانهن لکن ماڻهن جي ريليءَ ۾ ويندي ڪارساز وٽ مٿس ۽ سندس ساٿين تي خودڪش بمبارن قاتلاڻو حملو ڪيو. ان حملي ۾ محترمہ بينظير ڀٽو ۽ ٽرڪ تي سوار پارٽي قيادت سلامت رهي، پر محترمہ جي استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهن ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊن مان 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا.
جنهن ٽرڪ تي محترمہ پنهنجن ساٿين سان سوار هئي، اها خاص طور سندس استقبال لاءِ سمورن بچاءُ وارن اصولن کي سامهون رکي ٺاهي وئي هئي. ان ڌماڪي سبب ٽرڪ جون دريون ۽ هڪ دروازو اڏامي ويو. اهو سڀ ڪجهہ سخت حفاظتي اُپائن جي باوجود ٿيو. اهو هڪ ڀيانڪ منظر هو. چوطرف انساني لاش ۽ عضوا پکڙيا پيا هئا. مري ويلن ۾ ڪيترا ٻار هئا. ڪجهہ مذهبي انتها پسند گروپن محترمہ کي قاتلاڻي حملي جي اڳي ئي ڌمڪي ڏني هئي، پر محترمہ بينظير ڀٽو انهن ڌمڪين جي پس منظر ۾ اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو هو تہ کيس جيڪڏهن ڪجهہ ٿيو تہ ان لاءِ حڪومت جي اندر ويٺل ڌريون ذميوار هونديون. هي ايڏو وڏو شديد ۽ وحشيانه واقعو هو جنهن جي گڏيل قومن جي اداري ۽ دنيا جي حڪومتن پڻ مذمت ڪئي. هن واقعي وقت محترمہ بينظير ڀٽو جي هڪ ساهيڙي اسڪوفيلڊ، جيڪا بہ ساڻس گڏ هئي. ان واقعي کان پوءِ بي بي سيءَ کي ٻڌايو تہ ”اسين ٽرڪ تي ويٺا هئاسين تہ اوچتو روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ ان بعد ڌماڪو ٿيو. هن ڌماڪي جي ٻن منٽن بعد ٻيو ڌماڪو ٿيو، جيڪو پهرئين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زوردار هو“. هن واقعي ۾ هڪ ٽي وي چينل جو ڪيمرامئن بہ مارجي ويو. پوليس جو چوڻ هو تہ شروعاتي جاچ مان پتو پيو آهي تہ ٻيو ڌماڪو خودڪش هو. ڌماڪي کان پوءِ بينظير ڀٽو کي تباھہ ٿيل ٽرڪ مان لاٿو ويو ۽ کيس سندس گهر بلاول هائوس حفاظت سان نيو ويو. اهڙيءَ طرح هوءَ جلسي کي خطاب نہ ڪري سگهي ۽ سندس استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهو منتشر ۽ دربدر حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن جان بچائڻ لڳا. چيو وڃي ٿو تہ ڪراچي هوائي اڏي کان روانگيءَ بعد محترمہ بينظير ڀٽو، بلٽ پروف شيشي واري ڪئبن استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته، ”آئون ڊڄان ڪانہ ٿي، صرف پنھنجي مشن بابت سوچي رهي آهيان، آءٌ سمجهان ٿي تہ پنھنجي عوام لاءِ جمهوريت خاطر جنگ وڙهڻ آئي آهيان.“ هن واقعي ۾ شھيد ماڻهن مان 20 اهڙا لاش بہ هئا، جن جي سڃاڻپ ۽ وارثي نہ ٿي سگهي. جن کي ڀٽو 1، ڀٽو 2، ڀٽو 3 وغيرہ جا نالا ڏئي ڳڙهي خدا بخش جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن کي ”شھيدن جو قبرستان“ سڏيو وڃي ٿو.


لفظ ارڙهن آڪٽوبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2007.10.18  عيسوي

ارڙهن آڪٽوبر واري واقعي کي ’ڪارساز سانحو‘ به سڏيو وڃي ٿو. 2007ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي هئي ته ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ ايئرپورٽ کان بلاول هائوس ڏانهن لکن ماڻهن جي ريليءَ ۾ ويندي ڪارساز وٽ مٿس ۽ سندس ساٿين تي خودڪش بمبارن قاتلاڻو حملو ڪيو. ان حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٽرڪ تي سوار پارٽي قيادت سلامت رهي، پر محترمه جي استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهن ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊن مان 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا.



تاريخ ۽ واقعا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صفوي دور
حُر تحريڪ
روسي انقلاب
عام الحزن
تخت سليمان
ارڙهن آڪٽوبر
غزنوي دور غزنوي گهراڻو
آپريشن ڪلين اپ
بيگار ڪئمپ
حمودالرحمان ڪميشن
تاريخ ۽ واقعا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون