ارڙ، اجگر، ازدها نانگ
ارڙ، اجگر، ازدها Python / Python moulurus /: هي دنيا جي سڀ کان وڏين بلائن جي ڪٽنب مان آهي جيڪا هڪ کان 10 ميٽر (3.3 فٽ کان 32.8 فٽ) ڊگهي ٿي سگهي ٿي. اردو ۽ فارسيءَ ۾ ان نانگ کي ازدها چون ٿا، ان جو هڪ نالو اجگر به آهي. سنڌ ۾ ارڙ بلا جي ڊيگهه 5 کان 12 فٽ ۽ وڌ ۾ وڌ 22 فٽ ٿي سگهي ٿي. پڇ جسم جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو ٿئيس ٿو. ارڙ بلا عام طور تي گلابي ٿئي ٿي، جسم جو مٿيون حصو هلڪو ميٽوڙي يا هيڊو هوندو اٿس، جيڪو ٻنهي پاسن کان هلڪو ٿيندو ويندو آهي. پٺيءَ تي وڏا وڏا خاڪي ۽ گهري رنگ جا بي ترتيب بيضوي چِٽ هوندا اٿس، پاسن کان به اهڙا ئي ننڍڙا چٽ ٿينس ٿا. ارڙ جو پيٽ هيڊو ۽ ان تي سنهڙا ڪارا داغ هوندا آهن. هيءَ وڏي بلا دنيا ۾ هر هنڌ خاص ڪري گِهميل گهاٽن ٻيلن ۾، وڻن جي ٿُڙن ۾، يا پٿريلن ڏرڙن ۾ پئي هوندي آهي. ٻيلن ۾ وڻن تي چڙهي شڪار جو انتظار ڪندي آهي. ڏينهن جي وقت ۾ اس پئي سيڪيندي آهي، ڇو ته وڏي جسامت هئڻ ڪري ان کي جسماني چرپر لاءِ وڌيڪ گرمائش جي ضرورت پوي ٿي. عام طور تي رات جو شڪار لاءِ نڪرندي آهي. عادت ۾ سست هئڻ ڪري هڪ هنڌ رهڻ پسند ڪندي آهي. هڪ ڀيرو ڍوَ تي کائڻ کان پوءِ ڪيئي هفتا سست پئي آرام ڪندي آهي. ارڙ عام طور پکي ۽ ٿڻائتا جانور شڪار ڪندي آهي. سنڌ ۾ ارڙ بلا جي خوراڪ ۽ رهائشي ماحول گهٽجي ويو آهي، پر ٻين ملڪن ۾ هن جنس جا نانگ وڏن جانورن مثال طور هرڻ، چيتي، ۽ واڳونءَ کي به کايو وڃن. ارڙ بلا شڪار تي وات سان حملو ڪندي آهي، اها شڪار جي جسم ۾ پنهنجا ڊگها ڏند کُپائي، پنهنجي جسم سان شڪار کي وڪوڙي سوگهو ڪندي آهي ۽ زور ڏيئي ان جون هڏيون ڀڃي، ساهه ٻوساٽي ڇڏيندي آهي. شڪار جي موت کان پوءِ ارڙ پنهنجي شڪار کي سڄي جو سڄو ڳڙڪائڻ شروع ڪندي آهي. ارڙ زهريلي نه آهي. ان جو وات وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي. ڏند وڏا، مضبوط ۽ پوئتي وريل هوندا اٿس، جيڪي شڪار جي جسم ۾ اندر تائين گهڙي، ان کي بي وس ۽ زخمي ڪري ڇڏيندا آهن. ارڙ بلا عام طور ڌٻڻين وارن گپ وارن علائقن ۾، ٻيلن ۽ جابلو ڏرڙن ۾ رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن زمين ۾ وڏن ڏرڙن، غارن ۽ ويران جاين ۾ به رهندي آهي. سڄي عمر هڪ ئي ماڳ تي گذاريندي آهي، کيس حالتون ئي جاءِ بدلائڻ تي مجبور ڪنديون آهن. خشڪيءَ تي سست رفتار آهي، سٺي تيراڪ بلا آهي ۽ تيزيءَ سان ترندي آهي. گرميءَ جي مند ۾ اڪثر وقت پاڻيءَ ۾ گذاريندي آهي. خطرو محسوس ڪندي ته شوڪارا ڪندي آهي ۽ مقابلو ڪرڻ بدران ڀڄڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. ارڙ نانگ نومبر کان جنوريءَ تائين سياري واري نستائيءَ جي ننڊ ۾ هليو ويندو آهي. مادي ارڙ اپريل کان جُون تائين 15 کان 45 بيضا ڏيندي آهي ۽ بيضن جي چوڌاري وڪڙ هڻي حفاظت ڪندي آهي. 57 کان 66 ڏينهن ۾ ٻچا ڦُٽي پوندا آهن. انسانن کي وڏن نانگن کان ڊپ ٿيندوآهي، ان ڪري ماريا ويندا آهن. ان کان سواءِ هن خوبصورت بلا جي کل به ان جي موت جو ڪارڻ بڻبي آهي.