ارَڻِي: هن قسم جو وڻ ننڍو ٿيندو آهي هي ٿر جي ڀِٽُن ۽ اُن جي لاهين تي ٿئي ٿو ۽ هيٺانهين زمين ۾ ڪونه اُڀري. پارڪر ۾ گهڻو ٿيندو آهي. هن جو ٿڙ يڪو يا ٿلهو ڪونه ٿئي، پر زمين مان شاخون نڪرن، جيڪي گڏجي جهڳٽي وانگر ٿي بيهن. ڪامون سنهيون ٿين، جيڪي اندران پوريون هونديون آهن. فقط اڇي ڳردار شيءِ اندر هوندي آهي، جيڪا سنهيءَ سيخ سان ڪڍي ڇڏبي آهي. انهن پورين ڪاٺين مان حقي جون شيون ۽ نڙ ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ مينگهواڙ سوٽي ۽ اوني ڪپڙو اُڻندا آهن، جنهن لاءِ ارڻيءَ جي ڪامن مان چئن چئن انچن جا ٽڪر ڪپيندا آهن، جن کي ’نريون‘ چون. نريون ائٽ جي ٽَڪَ ۾ اٽڪائي، مٿان ڌاڳو ويڙهي، اوڄي جي اوزار ۾ وجهي ڪپڙو اُڻندا آهن.