اسان جو پيارو رسولصه (ڪتاب): هي ڪتاب 1994ع ۾ ’سنڌي ساهت سوسائٽي سنڌ- شڪارپور لاڙڪاڻن‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڪتاب شيخ ابو الفتاح محمد بن محمد معروف جي تاليف ’نورالعيون في تلخيص سير الامين المامون‘ تان فقير ولي ﷲ جي ترجمي ۽ وڌايل ڪتاب ’سرور المحزون في ترجمة نور العيون، جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي عبدالرحمٰن جتوئي ۽ عبدالجبار عبد سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو مقدمو مشھور عالمِ دين مولانا محمد مراد هاليجويءَ لکيو آهي.ڪتاب جو موضوع نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي سيرت پاڪ آهي. ڪتاب جي ٻولي عام فھم ۽ آسان آهي ڪتاب جي آخر ۾ ضميمو بہ ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيرحه جي تصنيف ’رتبهء رسول صلي ﷲ عليہ وسلم‘ کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ قصيده برده شريف مان ڏھہ چونڊ بيت سنڌي ترجمي سان ڏنا ويا آهن. 88 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا ڄاڻايل آهي.