اسان ڇو مسلمان ٿياسين؟

اسان ڇو مسلمان ٿياسين؟ (ڪتاب ):هي ڪتاب پروفيسر عبدالغني فاروق جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو عبدالرحمٰن جتوئي ۽ ارباب علي چوهاڻ گڏجي ڪيو آهي، هي ڪتاب 1987ع ۾ ’سنڌ مسلم ادبي اڪيڊمي سکر‘ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ تقريباً ويهن شخصيتن جا مسلمان ٿيڻ جي باري ۾ قصا سندن ’زباني بيان ٿيل آهن. انهن شخصيتن ۾ سر جلال الدين لارڊ برنٽن، مولانا عبيدالله سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم جرمانوس،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، عمر فاروق عبدالله، علي محمد موري، پروفيسر غازي احمد، ڊاڪٽر غزينيه، مجاهد اسلام، علامہ محمد اسد، محمد صديق، محمد مارما ڊيوڪ پڪٿال، شيخ بشير احمد شاھہ، ڊاڪٽر اسلام الحق، يوسف الاسلام، بيگم مولانا عزيز گل، مريم جميل، راجڪماري، جاويد بانو بيگم، فاطمہ هيرين ۽ جميله خاتون شامل آهن. 120 صفحن تي مشتمل، رنگين ٽائيٽل سان پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 10 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو