
استاد امير خان
استاد امير خان: سرتال جي هن نامياري گائڪ امير خان'>استاد امير خان کي قلندر شھباز جي ڪشش ڇڪي سنڌ آئي هئي، ۽ هن سيوهڻ شريف کي اچي پنھنجي مستقل رهائش جو هنڌ بنايو هو. هتان جي ماڻهن جي محبت ڏسي هميشہ لاءِ هتي جو ٿي ويو هو. ٻئي مُک گويي خانصاحب عاشق علي خان جو مامو هو. سندس آواز ۾ هڪ قسم جو عجيب رس رچيل هو، گائڪي جي لحاظ کان هن تي دهلي گائڪيءَ جو گهڻو اثر هو. رباب وڄائڻ ۾ سندس ڪو ثاني نہ هو.