استاد ببر علي

استاد ببر علي: مشھور موسيقار استاد ببر علي 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو . هيءَ ناليواري موسيقار استاد فيروز گل جو ننڍو ڀاءُ هو . سندس وڏا اصل راجستان جي جيسلمير علائقي جا هئا . استاد ببر علي فن جي سکيا مشھور ماسٽر صفدر عليءَ کان ورتي ۽ استاد فيروز گل بہ سندس رهنمائي ڪئي . موسيقيءَ ۾ پاڻ مڃائيندي هن شاهڪار فلمي گيت ، ڪئسٽن جا ڪلام ۽ نوحا ڪمپوز ڪيا . مشھور فلمن: ’پرو چانڊيو ‘ ، ’پڪار ‘ ۽ ’پلاند ‘ ۾ هن استاد فيروز گل سان گڏ موسيقي ترتيب ڏني . ان کان سواءِ فلم ’پڳ '>پوتي ۽ پڳ ‘ ۾ مشھور موسيقار وجاهت عطريءَ سان گڏ موسيقي ڪمپوز ڪيائين . جن مشھور فنڪارن کي استاد مرحوم متعارف ڪرايو ، تن ۾: عنايت حسين ڀٽي ، سجاد يوسف ، ثمينه ڪنول ، حميره چنا ، انجم آرا ، نگهت سليم ، عابدہ خانم ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن . فيروز گل جي فرزند مرحوم امانت گل کي بہ استاد ببر عليءَ متعارف ڪرايو . پاڻ بھترين ردم پليئر ۽ طبلا نواز بہ رهيو ، هن لاتعداد ڪافيون ۽ غزل رڪارڊ ڪرايا . کيس ڪيترائي اوارڊ بہ مليا . استاد ببر عليءَ 13 نومبر 1988ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي .


لفظ استاد ببر عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

استاد ببر علي 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو


1988.11.13  عيسوي

استاد ببر عليءَ 13 نومبر 1988ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام مهتاب ڏهر (سياستدان)
احمد رضا شاھہ جيلاني
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري
جيلاني، سيد محمد صالح شاھہ ثاني
فھميدہ قريشي
علي نواز علوي مير
جوڻيجوعبدالخالق
احمد رضا بروهي
سائل مرزا
پنهور مولوي محمد علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون