استاد بخشو خان

استاد بخشو خان: ڪلاسيڪي سنگيت جو هي ممتاز موسيقار اصل جيسلمير جو رهاڪو هو، تنهن ڪري استاد بخشو خان جيسلميري جي نالي سان مشھور هو. رياست خيرپور جي ميرن جي دعوت تي اچي وٽن رهيو هو مگر پوءِ حيدرآباد ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. استاد بخشو خان سنڌ ۾ اٽڪل سن 1830ع ۾ آيو ۽ هتان جي ماڻهن جي قدردانيءَ سبب هميشہ لاءِ هتي جو ٿي ويو. هن تي پڻ دهليءَ جي گائڪي جو اثر هو. پر ان ۾ ڪرناٽڪي گائڪيءَ کي ملائي عجيب رنگ پيدا ڪندو هو. هو طبلو ۽ سارنگي ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو ۽ اهي سندس دل پسند ساز هئا.


لفظ استاد بخشو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو