استاد بڙي غلام علي خان

استاد بڙي غلام علي خان

استاد بڙي غلام علي خان

استاد بڙي غلام علي خان: سنگيت جي برک ۽ ممتاز گويي استاد علي بخش خان جو لائق پٽ استاد بڙي غلام علي خان 2 اپريل 1902ع تي پيدا ٿيو. هو پنھنجي دور جو هڪ مڃيل ۽ عظيم موسيقار هو. هو موسيقار هجڻ کان سواءِ سٺو شاعر بہ هو ۽ تخلص ’سب رنگ‘ اختيار ڪندو هو. ’پيا موري بات اب نا ماني‘، ’سب رنگ، سب جڳ جاني‘ سندس مشھور ڪلام آهي. موسيقار جيڪو پاڻ ڪلام بہ جوڙيندو هجي، ان کي سنگيت جي دنيا ۾ ’نائڪ‘ ڪوٺبو آهي. راڳداريءَ ۾ کيس ”پدم ڀوشن“ ۽ ”سُر جو پتلو‘ خطاب پڻ مليا. هڪ سنگيت ڪار لاءِ هي سڀ خطاب وڏي اعزاز ۽ عزت جو نشان سمجهيا وڃن ٿا. پر فنڪار خود اعزازن کان وڏو هوندو آهي. اڳي سڀ موسيقار تانپوري تي ڳائيندا هئا، مگر استاد بڙي غلام علي خان سڀ کان پهريائين سرمنڊل ڪتب آندو. ’دم دم ياد پون ٿيون، مارن مٺيون ڳالهڙيون‘ ۽ ”دلڙي لُٽي تنهن يار سڄڻ‘، سندس ڳايل مشھور ڪافيون آهن. استاد بڙي غلام علي خان ٺمريءَ جو بادشاھہ گائڪ مڃيو ويندو هو، مگر پوءِ سندس توجھہ خيال جي گائڪيءَ طرف گهڻو رهيو، سندس پٽ منور علي خان هندوستان ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي. استاد بڙي غلام علي خان جو پسنديدہ ساز سارنگي هو. ملڪہ ترنم نورجھان ۽ لتا منگيشڪر سندس شاگردن مان آهن. بادشاھہ موسيقار هجڻ جي باوجود ڏاڍو نهٺو ۽ بردبار شخص هو ۽ هميشہ فن جي سکڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ اهڙي طرح هن استاد عاشق علي خان کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو. حالانڪہ کيس فن موسيقي جي مڪمل سکيا پنھنجي پيءُ استاد علي بخش خان کان مليل هئي. ان کان سواءِ استاد مبارڪ علي خان گوالياريءَ کان بہ راڳ جي سکيا ورتائين. استاد بڙي غلام علي خان جي وفات 23 اپريل 1966ع ۾ ٿي.


لفظ استاد بڙي غلام علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.04.02  عيسوي

استاد بڙي غلام علي خان: سنگيت جي برک ۽ ممتاز گويي استاد علي بخش خان جو لائق پٽ استاد بڙي غلام علي خان 2 اپريل 1902ع تي پيدا ٿيو .


1966.04.23  عيسوي

استاد بڙي غلام علي خان جي وفات 23 اپريل 1966ع ۾ ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب ڇڄڙو
لکمي کلاڻي
عبدالسلام ڊاڪٽر
شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
سيد علي بکري
فقير رسول بخش انڙ
بابا فريد مسعود گنج شڪر
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي اول
آغا روشن علي پٺاڻ
فدا سرهيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون