
استاد دين محمد خان جيڻو
استاد دين محمد خان جيڻو: مشھور موسيقار استاد دين محمد خان ولد استاد خميسي خان جيڻي جو تعلق شاھہ لطيف جي دؤر جي گائڪن آنٽل خان ۽ چئنچل جي گهراڻي سان هو. استاد دين محمد خان جو جنم 1938ع ۾ ڳوٺ گينسنگهہ ٺڪر (مَئُو)، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جي رڄواڙي جي مڱڻهار خميسي خان جيڻي جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ ننڍيءَ ڄمار کان ئي تمام گهڻو سُريلو گائڪ هو. استاد خير محمد خان جو شاگرد هو. پاڻ 1963ع واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي راڳين ۾ هڪ ڪامپيٽيشن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ اُستاد جمن خان، امين شاھہ، جيجي زرينه بلوچ ۽ ڪجهہ ٻين راڳين حصو ورتو، ان مقابلي ۾ اُستاد دين محمد خان کي پنھنجي نئين تخليق ‘همرچو’ ڳائڻ تي فرسٽ ايوارڊ، هڪ ريڊيو ۽ تانبورو مليو هو. استاد دين محمد جا ريڊيو تي ڪيترائي ڪلام مشھور ٿيا، جن ۾ ‘همرچو’، ‘پنڌ پري منزل ڏور’ (سيد مهري شاھہ جا ٻول)، ‘بِرھہ بادشاھہ جا ڌايا ڌڄي ويا’ (منٺار فقير راڄڙ جا ٻول) مشھور ٿيا. اُستاد دين محمد خان ريڊيو کان سواءِ پي. ٽي. وي ۽ هندسان ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. منٺار فقير راڄڙ، صوفي صادق فقير، عارب شاھہ بخاري (ميرپورخاص)، جمال شاھہ بخاري (حيدرآباد)، تاج محمد شاھہ ‘طريل’ تي راڳ جون يادگار محفلون مچائيندو هو. 1977ع ۾ ميرپورخاص شھر جي ڀان سنگهہ آباد پاڙي ۾ گهر اڏي ويٺو ۽ پنھنجي اُستاد خان صاحب حاجي خير محمد خان جي وفات کانپوءِ حيدرآباد کي ڇڏي ميرپورخاص ۾ رهڻ لڳو.
استاد دين محمد خان، 1 مارچ 2008ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ لياقت علي جيڻو راڳي آهي.