استاد صادق علي خان

استاد صادق علي خان: استاد صادق علي خان بہ جيسلمير جو رهاڪو هو ۽ استاد بخشي خان سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ساڻس گڏ ڳائيندو هو. هو بہ رياست خيرپور جي مير صاحبن جي ڪوٺ تي آيو هو ۽ ڪجهہ وقت خيرپور ۾ رهڻ کان پوءِ مستقل طرح حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. استاد صادق علي خان تي بہ ساڳيو استاد بخشي خان وارو رنگ چڙهيل هو ۽ دهلي گائڪيءَ ۾ ڪرناٽڪي گائڪيءَ کي ملائي ڳائيندو هو.


لفظ استاد صادق علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو