استاد عاشق علي خان

استاد عاشق علي خان

استاد عاشق علي خان

استاد عاشق علي خان: ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو هي بادشاهه گويو دهليءَ جي ”تان رس خان“ واري انداز جي گائڪيءَ جو ماهر هو. سندس اصل وطن پٽيالا هو، هو پٽيالا گهراڻي جو سرواڻ هو. مگر سنڌ ۾ موسيقارن جي قدردانيءَ جي واکاڻ ٻڌي، هتي ڪهي آيو ۽ جڏهن پاڻ سنڌين جي فراخ دلي، مهمان نوازي ۽ سخاوت جو مشاهدو ڪيائين ته هميشه لاءِ هتان جو ٿي ويو. استاد عاشق علي خان، نامياري موسيقار فتح علي خان جو پٽ ۽ امير خان'>استاد امير خان جو ڀاڻيجو هو، موسيقيءَ ۾ سندس تربيت به امير خان'>استاد امير خان ڪئي هئي. خيال جي گائڪيءَ ۾ سندس مرتبو نهايت اوچو هو. ڳائڻ وقت سرتال ۾ اهڙو گم ٿي ويندو هو، جو کيس پنهنجي وجود جي به خبر نه رهندي هئي. سندس خاص ڪارنامو هي آهي ته هن ڪافيءَ کي به سولي ۽ آسان نموني ڪلاسيڪي انداز ۾ پيش ڪيو، جنهن کي هتان جي عوام ۾ مقبوليت جو درجو مليو. سندس ڪافي ’جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ اڃا تائين ماڻهن کان نه وسري آهي. استاد عاشق علي خان ڪافين کي ڪلاسيڪي نموني ڳائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ ڏاڍو نالو ڪڍيو. سندس ٻي مقبول ڪافي آهي، ”دلبر ملسين ڪهڙي وار“، سندس ايجاد ڪيل هن انگ کي استاد اميد علي خان توڙي استاد منظور علي خان به قائم رکيو ۽ مشهوري ماڻيائون. استاد بڙي غلام علي خان ۽ استاد اميد علي خان ٻئي وڏا گويا هئا، مگر سندس بي انتها عزت ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ساڻس گڏ ڳائيندا به هئا. استاد بڙي غلام علي ته سندس شاگردي به قبول ڪئي ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪندو هو. استاد نٿو خان به سندس پرستارن مان هو، استاد بڙي غلام علي خان جا ٽيئي ڀائر استاد برڪت علي خان، استاد امانت علي خان سندس شاگرد هئا. فريده خانم، شمشاد ٻائي ۽ زاهده پروين به سندس شاگردياڻيون هيون. استاد فتح علي خان پٽيالا گهراڻي وارو پڻ سندس شاگرديءَ تي فخر محسوس ڪندو هو. استاد عاشق علي خان ڪجهه وقت هز هائنيس مير علي نواز خان وٽ خيرپور ۾ رهيو ۽ مٽيارين جي سيد محمد زمان شاهه وٽ پڻ. هو هڪ آزاد طبيعت فقير منش ۽ قلندري قسم جو ماڻهو هو، گهڻو ڪري فل سوٽ ۽ فيلٽ هيٽ ۾ ملبوس رهندو هو ۽ لٽي ڪپڙي پائڻ جو شوقين هو، مگر ڪڏهن اهڙو خيال به اچي ويندو هئس، جو گودڙي پايو گهمندو وتندو هو. دل جو سخي مرد به اهڙو، جو اڪثر بدن جا ڪپڙا به لاهي خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندو هو. سنڌ جو هي ناميارو موسيقار سال 1948ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ استاد عاشق علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.00.00  عيسوي

استاد عاشق علي خان سال 1948ع ۾ وفات ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بينجمن سسٽرز
رمضان علي خان
شبير شاهاڻي
اَلطاف حسين سمون
پنهون فقير
علي گل ڪلهوڙو
فائزا علي
شير شاهه
استاد گامڻ خان
استاد محمد جمن
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون