استاد مبارڪ علي خان

استاد مبارڪ علي خان

استاد مبارڪ علي خان

استاد مبارڪ علي خان: استاد مبارڪ علي خان سنڌ جي نامياري گائڪ گامڻ خان'>استاد گامڻ خان جو فرزند هو ۽ شڪارپور جي شھر ۾ ڄائو نپنو. فن موسيقيءَ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪري. هن فن جي بلنديءَ تي پهتو. کيس ’خانصاحب مبارڪ علي خان‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. مرحوم رئيس ضياءُ الدين بلبل، استاد مبارڪ علي خان جو اهو واقعو قلمبند ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ سندس ملهار ڳائڻ تي مينهن وسي پيو هو. ملهار ڳائڻ لاءِ حاضرين استاد مبارڪ عليءَ کي فرمائش ڪئي هئي. سنڌ جو هي ممتاز گويو سيٺ وشنداس وٽ ڪجهہ عرصو رهيو هو ۽ ان کان پوءِ سيٺ صاحب جي قائم ڪيل وشن نگر (ٽنڊي آغا) حيدرآباد ۾ فن موسيقيءَ جي سکيا ڏيندو هو. هن سال 1961ع ۾ وفات ڪئي. سندس اولاد مان قدرت خان ۽ عاشق علي خان سٺا گويا ٿي گذريا آهن. سندن ”راڳ سکيا گهر“ اڄ بہ ڪڪري گرائونڊ کارادر ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. جتي سندس پوٽو استاد ظفر علي خان اڄ بہ ابن ڏاڏن جي ڪرت کي جاري رکيو ويٺو آهي. استاد مبارڪ عليءَ جي شاگردن ۾ استاد بيبو خان، بڙي غلام علي خان ۽ ڪيترائي وڏا وڏا ناميارا گويا رهيا آهن، استاد نياز حسين ۽ استاد فدا حسين بہ کانئس سکيا. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي افتتاح جي ربن بہ استاد مبارڪ علي خان ڪٽي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.00.00  عيسوي

استاد مبارڪ علي خان 1961ع ۾ وفات ڪئي



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌائي الهوڌائي
ٻالڪ سنڌي
سجاد يوسف
راحت فتح علي خان
صادق فقير
استاد يوسف کٽي
خادم حسين سمو
سرور سخيراڻي
سيد سليمان شاھہ
رمضان علي خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون