
استاد نبي بخش مڱڻهار
استاد نبي بخش مڱڻهار: ڪلاسيڪل راڳي استاد نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 20 سالن جو هو تہ راڳ جي تربيت استاد مھر علي خان پنجاب واري کان ورتائين، جو استاد مراد علي گوالياري جو شاگرد هو. استاد نبي بخش راڳ ايمن ڪلياڻ ۽ ڀيم پلاس تي عبور رکندو هو. ڄام ساقيءَ کيس ريڊيو حيدرآباد تي آندو، جتي عنايت بلوچ سندس ست ڪلام رڪارڊ ڪري پيش ڪيا، جيڪي بيحد مقبول ويا. 1986ع ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد پاران سندس محفل جي ڪئسٽ بہ تيار ڪئي وئي، جيڪا مقبول ٿي. شاھہ لطيف، سچل، بلها شاھہ، استاد بخاري ۽ اظهر گيلاني جا ڪلام خوب ڳائيندو هو. استاد نبي بخش جو وڏو پٽ مختيار احمد بہ سٺو ڳائي ٿو، باجو ۽ بينجو بہ وڄائي ڄاڻي، ٻيا فرزند امانت علي ۽ ممتاز ڍولڪ وڄائڻ جا ڄاڻو آهن، سندس ڀائٽيو محمد شريف بہ سٺو راڳي آهي. استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي.
1938.00.00 عيسوي
استاد نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو
2008.00.00 عيسوي
استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي