استاد پيارو خان

استاد پيارو خان

استاد پيارو خان

استاد پيارو خان: گواليار گهراڻي جو هي مشھور گائڪ، استاد بني خان جي گهراڻي مان هو. سندس شجرو سندس برصغير جي بادشاھہ موسيقار تانسين سان وڃي ملي ٿو. استاد بنو خان بہ پنھنجي دؤر جو وڏو گويو ٿي گذريو آهي. درپڌ گائڪيءَ جو استاد گائڪ ليکيو وڃي ٿو. استاد پيارو خان تسنگ (امرتسر) جو رهاڪو هو. سنڌ جي سرهاڻ ۽ هتي جي ماڻهن جي مھڪ هن نوجوان موسيقار کي سنڌ ۾ آندو. سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري کيس سندس آواز تي موهت ٿي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. هن فن موسيقيءَ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئي ۽ ان وقت بہ ڪماليت جي درجي تي پهتل هو. پوءِ خيال جي گائڪيءَ ۾ ممتاز مقام حاصل ڪيائين. جنهن ۾ سندس خاص گائڪي بلمپت هئي. سندس مقابلي ۾ گهڻو ڪري استاد عاشق علي خان ڳائيندو هو. ان وقت سندس پٽ استاد اميد علي خان اڃا ڇوڪراٽ هو، پر پوءِ بہ ڏاڍو سُريلو هو ۽ پيءُ سان جهيلي ٿي ڳائيندو هو.


لفظ استاد پيارو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو