استاد ڪريم بخش خان: استاد شادي خان جو فرزند ۽ استاد احمد خان جو ننڍو ڀاءُ ڪريم بخش خان شڪارپور شھر ۾ پيدا ٿيو هو ۽ پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلي پنھنجي اباڻي فن موسيقيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. موسيقيءَ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين ۽ انهيءَ رنگ ۾ ڳائيندو هو. خيال جي گائڪيءَ تي بہ کيس عبور حاصل هو. نهايت سٺو ۽ مقبول موسيقار هو. سندس وفات شڪارپور ۾ ٿي ۽ اتي دفن ٿيو.