استاد هدو خان: ڪلاسيڪي سنگيت جو مايہ ناز گويو استاد هدو خان، اصل فتح ڳڙھہ مشرقي پنجاب جو رهاڪو هو، جيڪو پوءِ سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري جي اصرار تي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي جي ماڻهن جي محبت ڏسي هميشہ لاءِ سنڌ جو ٿي ويو. سيٺ گلاب داس جي پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ بہ سندس پٽ سيٺ وشنداس وٽ رهي پيو ۽ واپس نہ ويو. هي ٻئي سيٺيون سنگيت جا ڄاڻو ۽ دلداده هئا ۽ موسيقارن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. استاد هدو خان گائڪي جي لحاظ کان ڌرپڌي گهراڻي سان تعلق رکندو هو، پر مٿس تلونڊي گائڪيءَ جو اثر بہ هو ۽ خيال جي گائڪيءَ ۾ کيس سٺي دسترس هئي. سندس پسنديدہ ساز ستار هو، جنھن تي کيس ڏاڍو عبور حاصل هو. استاد هدو خان، سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وٽ وظيفي تي رهندو هو ۽ اتي ئي کيس سينڌي خان (1880ع-1942ع) نالي پٽ جو اولاد ٿيو. جيڪو پنھنجي دؤر جو بھترين خوشنويس، شاعر ۽ موسيقيءَ جو ماهر هو.