استخارو: غيبي اشاري معلوم ڪرڻ جي دعا. خدا کان خاص دعا جي رستي خير جي طلب. هيءُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بهتريءَ جي طلب ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ طور ڪم ڪرڻ وقت فال ڪڍڻ تہ انهيءَ ڪم ۾ ڪاميابي ۽ چڱائي ٿيندي يا نہ؟ انهيءَ سوال جي جواب لھڻ جا مختلف طريقا آهن. سُني مسلمان سومهڻيءَ جي نماز پڙهي سمهي پوندا، رات جو موافق يا مخالف خواب ڏسي فيصلو ڪندا آهن. اهو ”مسنون“ طريقو چيو وڃي ٿو. استخاري جو گهڻو رواج شيعن مسلمانن ۾ آهي، جنهن لاءِ اُنهن جو طريقو ۽ دعائون مختلف آهن.