اِستعارو: لغوي معنيٰ ’اشارو‘. حسن بيانيءَ جي هڪ شاعراڻي صنف، جنهن ۾ حقيقي ۽ مجازي معنيٰ جي وچ ۾ تشبيھہ جو تعلق قائم ڪيو وڃي. مثال طور ”گُل“ چئي، ”سُھڻي شڪل“ جو مفهوم ادا ڪرڻ.