اسحاق آهنگر: اسحاق آهنگر، سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن اوائلي شاعرن مان آهي، جن جو تفصيل نٿو ملي ”حديقة الاولياءَ“ ۾ بيان ٿيل آهي ته شيخ ڀريو، جيڪو اصل ۾ هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو ۽ هڪ مجذوب بزرگ ٿي گذريو آهي، اهو آخري عمر ۾ گنجي ٽڪر جي دامن ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري هن ڪتاب جو مصنف سيد عبدالقادر سندس خدمت ۾ ويو. اُن وقت هو (شيخ ڀريو) هڪ بيت پڙهي رهيو هو. جنهن تي پڇيائينس ته ڪنهن جو بيت آهي؟ ان تي پاڻمرادو چيائين ته اهو بيت ’اسحاق آهنگر‘ (لوهر) جو آهي. عام طرح هيٺيون بيت اسحاق آهنگر ڏانهن منسوب آهي: ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي سُپَ تي ڪرن مانَ ڊرڪ، ٻاجهاريءَ ٻوليءَ سين. ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم پڻ بحث ڪندي اهو بيت اسحاق آهنگر جو ٺهرايو آهي. شيخ ڀريي جي وفات ڏهين صدي هجريءَ ۾ ٿي هئي، يعني هيءُ بيت ڏهين صدي هجريءَ (16 صدي عيسويءَ) جو آهي. انهيءَ حساب سان اسحاق آهنگر سمن جي دؤر جو شاعر چئي سگهجي ٿو. شيخ ڀريو خود به شاعر هو، جنهن جا ڪجهه بيت مشهور محقق هيري ٺڪر کي راڻيلا ڳوٺ (گجرات) جي هڪڙي مٺ مان هٿ آيا آهن.