اسحاق عليہ السلام

اسحاق عليہ السلام: تعاليٰ جو پيغمبر هو ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ بيبي ساره جو فرزند هو. قرآن پاڪ ۾ سندس تمام گهڻو ذڪر آيل آهي، اهو ذڪر سورة البقره (127، 130، 134)، آلِ عمران (78)، النساء، (161)، انعام، (184)، هود، (73)، يوف، (6، 38)، ابراهيم، (41)، مريم، (50) انبياءِ، (72)، عنڪبوت، (26)، صافات، (113) ۾ موجود آهي. بائيبل جي بيان موجب حضرت اسحاق عليہ السلام جي شادي حضرت ابراهيم جي ڀاءُ نحور جي پوٽي ربقه سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻہ فرزند عيص يا عيسو ۽ يعقوب ٿيا. حضرت اسحاق عليہ السلام تمام وڏي عمر ماڻي.


لفظ اسحاق عليہ السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو