اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار

اسحاق فقير ”ڪارو“ مڱڻهار: اسحاق فقير ”ڪارو“ 1932ع ۾ بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو. هن 10 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن سيد سليمان شاھہ جي وڏي ڀاءُ، سيد قاسم علي شاھہ کان راڳ جي سکيا ورتي. بعد ۾ ٽولين سان گڏجي شادين مرادين ۽ ميلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. ان دور ۾ بغير لائوڊ اسپيڪر جي ڳائڻ جو رواج هوندو هو. اسحاق فقير جو گلو صاف، آواز جاندار ۽ سريلو هوندو هو. کيس 1978ع ڌاري مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهيءَ ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جتي هن پهريون ڪلام بہ مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهيءَ جو پيش ڪيو. جنهن جا ٻول هئا ”تو نہ لوئيءَ کي لڄايو، راڄ راڻي مارئي، سنڌ کي آ ناز توتي، سنڌياڻي مارئي“ ۽ اهو ڪلام بيحد مقبول ٿيو. اسحاق فقير لاڙ جي انهن ڪجهہ مقبول ڳائڻن منجهان هو، جن جو پنهنجو انداز هوندو هو. هن ڪڏهن بہ نقل نہ ڪيو. هميشہ پنهنجون ڌُنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو. غزل کي سنڌي رنگ ۾ ڳائڻ جو سندس پنهنجو انوکو ۽ وڻندڙ انداز هو، سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪريم بخش خان نظاماڻي سندس قدر ڪندا هئا. رئيس ڪريم بخش هن جو ذڪر پنھنجي مشھور آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ پڻ ڪيو آهي. سائين جي. ايم. سيد کي اسحاق فقير جي ڳايل، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي هن ڪلام تي اشڪبار ڏٺو ويو، جيڪو سائينءَ جي پسند جو ڪلام بہ هو: غمن ۾ بہ کلندي گذاري ڇڏيوسين، وهيو واپريو ڇا، وساري ڇڏيوسين، وساريان سي دوکا سڀئي دوستن جا، نہ دشمن ٿياسين، ڪڏهن دشمنن جا، اڱڻ آيو جيڪو کيڪاري ڇڏيوسين. اسحاق فقير وڏي عرصي کان تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ ڪٽنب سان رهندو هو. بيماري ۽ پيرسنيءَ سبب، ڳچ عرصي کان ڳائڻ ڇڏي ڏنو هئائين. اعليٰ اختيارين تائين پھچ نہ هئڻ سبب سندس ڪنهن بہ طرح جو علاج يا مدد نہ ٿي سگهي. ائين هن انتهائي غربت ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ 16 جون 2009ع تي پنھنجي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ پنهنجا پساھہ پورا ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.00.00  عيسوي

: اسحاق فقير ”ڪارو“ 1932ع ۾ بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو.


2009.06.16  عيسوي

اسحاق فقير ڪاري مڱڻهار 16 جون 2009ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز عالم ابڙو
بروهي علي احمد
حافظ عبدالرحيم
عثمان هاروني خواجہ
ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ گيان
ڪيولرام آڏواڻي
امير بخش شر
محمد پريل بيدار مڱريو
ڄام نندو خان ٽالپر
انصار برني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون