اسدالله شاھہ فدا ٽکڙائي حڪيم

اسدالله شاھہ فدا ٽکڙائي حڪيم: علامہ حڪيم قاضي اسدالله شاھہ ولد سيد الھہ بخش شاھہ ٽکڙائي 15 شعبان 1285ھہ/30 نومبر 1868ع ڌاري، ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. سندس تعلق مٽيارين واري سيد خاندان جي جراڙ پوٽي پاڙي جي منعماڻي شاخ سان هو. ابتدائي تعليم استاد حافظ يوسف وٽان حاصل ڪيائين، جنهن وٽ سنڌي فارسي ۽ فقہ پڙهڻ کان سواءِ نَون مهينن جي عرصي ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. وڌيڪ تعليم پنھنجي مرشد خواجہ عبدالرحمان ۽ حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ حاصل ڪيائين، بعد ۾ مائٽن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ديوبند ويو ۽ شيخ الهند مولانا محمودالحسن وٽ علم جي تحصيل ڪيائين. طب جو علم، ميران محمد شاھہ اول وٽان سکيو. ٽکڙ ۾ سندس عاليشان دواخانو هو ۽ پنھنجي وقت جو حاذق حڪيم سمجهيو ويندو هو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو باني هو. نورمحمد وڪيل، عبدالجبار شيخ، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ پير غلام مجدد سرهنديءَ جھڙا مخلص ماڻهو سندس ڪارڪن هئا. سندس عام فيض کي ڏسي مسلمانن کيس حيدرآباد جو قاضي مقرر ڪيو. پاڻ سٺو نثر نويس، اديب نقاد ۽ قادرالڪلام شاعر هو. کيس حافظ حامد، محمد هاشم مخلص، غلام محمد شاھہ ”گدا“ جي صحبت ۾ شاعريءَ جو شوق جاڳيو. شاعريءَ ۾ ”فدا“ تخلص استعمال ڪندو هو. حج جي سعادت بہ ماڻيائين. پاڻ هڪ ئي وقت حافظ، عالم، شاعر، مصنف ۽ سياستدان هو. سنڌ جي هن قومي ڪارڪن، اديب، شاعر ۽ صحافيءَ 10 فيبوري 1926ع/ 27 رجب 1344ھہ تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.10.30  عيسوي

اسدالله شاهه ٽکڙائي 15 شعبان 1285هه/30 نومبر 1868ع ڌاري، ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو


1962.02.10  عيسوي

اسدالله شاهه ٽکڙائي 10 فيبروري 1926ع/ 27 رجب 1344هه تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوراني ميرڪ سيد تقي الدين محمد
ابوالحسن ڪبير سنڌي
سليمان خان لنڊ
بقادار شاھہ
اتم ديارام هنڱوراڻي
استاد امير علي خان
روشن عطا
زهراوي ابوالقاسم
چوهاڻ ڀريو گاروڙي
آغا غلام نبي پٺاڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون