اسدالله کهڙوي

اسدالله کهڙوي: مخدوم اسدالله ولد مخدوم احمد کهڙوي سنڌ جي وڏن عالمن، فاضلن ۽ صوفين مان ٿي گذريو آهي. مخدوم اسدالله 870 هه مطابق 1465ع ۾ ڄائو. شريعت جي حوالي سان سندس نالو هر هنڌ مشهور هو ۽ بزرگيءَ جي هاڪ به جتي ڪٿي هئس. همايون بادشاهه جڏهن سنڌ ۾ آيو ته سندس ملاقات مخدوم اسدالله سان ٿي ۽ کانئس دعا گهرايائين ته کيس دهليءَ جو تخت واپس ملي. جڏهن همايون 963هه/1555ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ جلال الدين محمد اڪبر چوڏهن ورهين جي عمر ۾ بادشاهه ٿيو ته هن شريعت جي پابنديءَ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڪن هندن، بادشاهه ڏانهن ڪوڙا خط موڪليا ته اسدالله ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. مخدوم اسدالله کي خبر پئي ته هن به يڪدم جلال الدين ڏانهن خط اماڻيو، جنهن ۾ پنهنجون شرعي خدمتون بيان ڪيائين. ان کان پوءِ مخدوم اسدالله کهڙن جي لڳ پپريءَ جي شهر ۾ مسجد اڏائي، اچي رهيو ۽ سن 966هه ۾ اتي ئي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1465.00.00  عيسوي

مخدوم اسدالله 870 هه مطابق 1465ع ۾ ڄائو


0966.00.00  هجري

اسدالله کهڙوي سن 966هه ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان مارشل
راجا بل عرف ابن سومرو
بروهي عبدالحليم
درويش زڪريا
ڄام نظام الدين جو مقبرو
ڄام جکرو ڳهڙ راءُ
ڏاهري عبدالقادر
شيخ جهان امير
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
عبدالقادر انصاري ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون