مولانا اسد الله ڀٽو

مولانا اسد الله ڀٽو

اسد الله ڀٽو مولانا

اسد الله ڀٽو، مولانا: جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير ۽ سنڌ جو اڳوڻو امير مولانا اسد الله ولد محمد بچل ڀٽو پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. هو 3 مئي 1946ع تي سکر شھر ۾ ڄائو. هن ايل ايل بي جي ڊگري 1969ع ۾ ۽ سماجيات ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾ ڪئي. هو ايران، افغانستان جو دورو ڪري چڪو آهي. 2002ع وارين عام چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو هو. مولانا اسد الله ڀٽو سنڌ جي جائز مسئلن تي آواز اٿاريندو رهي ٿو. هن ڪراچيءَ جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيو. هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.05.03  عيسوي

جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير ۽ سنڌ جو اڳوڻو امير مولانا اسد الله ولد محمد بچل ڀٽو پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. هو 3 مئي 1946ع تي سکر شھر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا
ريحانه
آسو ٻائي
پوپ جاهن پال
خان محمد سمون
ابراهيم کرل
الهه بخش جنجهڻ
صبح صادق کوسو مير
ڇٽو ٻلال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون