اسد قصه خوان

اسد ’قصه خوان ‘:ملا اسد سنڌ جي ترخان حڪمران ميرزا غازي بيگ ترخان جو درٻاري شاعر ۽ قصه خوان هو. ملا اسد قصه خوان (متوفي 1027هه/1618ع) پنهنجي دؤرجي مشهور عالمن ۽ شاعرن مان هڪ هو، آڳاٽي دؤر ۾ قصه خوان انهن عالمن ۽ شاعرن کي ڪوٺيو ويندو هو، جيڪي شعر و ادب تي حاوي هجڻ سان گڏوگڏ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ حاضر جواب هوندا هئا، اهو ان وقت جي بادشاهن ۽ حاڪمن وٽ وڏو معتبر ليکيو ويندو هو. ملا اسد قصه خوان ۽ ملا رشيد ٻئي گڏجي ايران مان سنڌ ۾ اچي ميرزا غازي بيگ ترخان جا خاص مقرب ٿيا، ملا اسد جو ميرزا غازي وٽ وڏو مان ۽ شان هو، هن جي ئي سفارش تي ميرزا غازي مرشد بروجردي ۽ ٻين عالمن ۽ شاعرن کي ايران مان سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني. ميرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ ملا اسد، جهانگير بادشاهه جي درٻار ۾ ويو، جنهن هن جي علم و هنر جي قدرداني ڪندي هن کي ’حفيظ خان‘ جو خطاب ڏنو . ملا اسد قصه خوان پنهنجي دؤر جي شاعرن ۾ پڻ سر فهرست هو، اڪثر علمي ۽ ادبي مجلسن ۾ شعر في البديهه چئي ڏيندو هو. 1027هه/1618ع ۾ جڏهن جهانگير بادشاهه گجرات مان آگري ڏانهن پئي آيو، تڏهن ملا اسد به ساڻس گڏ هو ۽ واٽ تي وفات ڪري ويو. مرشد بروجردي هن جو گهاٽو دوست هو. تنهن هن جي وفات تي هڪ طويل مرثيو لکيو هو، جنهن جو مطلع ۽ مقطه هيٺ ڏجي ٿو:
دريغا دريغا که محفوظ خان رفت
اسد آن جهانِ هنراز جهان رفت
اسد رفت و تاريخ فوتش زمر شد
طلب ڪرده دل گفت اسد راگمان رفت
(1027ع)


هن صفحي کي شيئر ڪريو