اسد ’قصہ خوان ‘:ملا اسد سنڌ جي ترخان حڪمران ميرزا غازي بيگ ترخان جو درٻاري شاعر ۽ قصہ خوان هو. ملا اسد قصہ خوان (متوفي 1027ھہ/1618ع) پنھنجي دؤرجي مشھور عالمن ۽ شاعرن مان هڪ هو، آڳاٽي دؤر ۾ قصہ خوان انهن عالمن ۽ شاعرن کي ڪوٺيو ويندو هو، جيڪي شعر و ادب تي حاوي هجڻ سان گڏوگڏ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ حاضر جواب هوندا هئا، اهو ان وقت جي بادشاهن ۽ حاڪمن وٽ وڏو معتبر ليکيو ويندو هو. ملا اسد قصہ خوان ۽ ملا رشيد ٻئي گڏجي ايران مان سنڌ ۾ اچي ميرزا غازي بيگ ترخان جا خاص مقرب ٿيا، ملا اسد جو ميرزا غازي وٽ وڏو مان ۽ شان هو، هن جي ئي سفارش تي ميرزا غازي مرشد بروجردي ۽ ٻين عالمن ۽ شاعرن کي ايران مان سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني. ميرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ ملا اسد، جھانگير بادشاھہ جي درٻار ۾ ويو، جنهن هن جي علم و هنر جي قدرداني ڪندي هن کي ’حفيظ خان‘ جو خطاب ڏنو . ملا اسد قصہ خوان پنھنجي دؤر جي شاعرن ۾ پڻ سر فهرست هو، اڪثر علمي ۽ ادبي مجلسن ۾ شعر في البديھہ چئي ڏيندو هو. 1027ھہ/1618ع ۾ جڏهن جھانگير بادشاھہ گجرات مان آگري ڏانهن پئي آيو، تڏهن ملا اسد بہ ساڻس گڏ هو ۽ واٽ تي وفات ڪري ويو. مرشد بروجردي هن جو گهاٽو دوست هو. تنهن هن جي وفات تي هڪ طويل مرثيو لکيو هو، جنهن جو مطلع ۽ مقطه هيٺ ڏجي ٿو:
دريغا دريغا که محفوظ خان رفت
اسد آن جهانِ هنراز جھان رفت
اسد رفت و تاريخ فوتش زمر شد
طلب ڪرده دل گفت اسد راگمان رفت
(1027ع)