اسد ڪورائي

اسد ڪورائي

اسد ڪورائي

اسد ڪورائي: رسول بخش عرف اسد ڪورائي، خدا بخش ڪورائيءَ جي گهر ۾ پهرين جنوري 1972ع ۾ ڪاٺياواڙي پاڙي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پنجون درجو گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان پاس ڪري هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان مئٽرڪ پاس ڪري اليڪٽريشن جو ڊپلوما ڪيائين. هن وقت واپڊا دادوءَ ۾ ملازم آهي.
اسد ڪورائيءَ پنهنجو فني سفر 1991ع ۾ اسٽيج ڊرامي کان شروع ڪيو. سندس پهريون ڊرامو ’عشق تي ڪرفيو‘ هو، جنهن جو ليکڪ عبدالمنان عباسي هو. اڄ تائين ڪيترا اسٽيج ڊراما ڪري چڪو آهي. اسد ڪورائي 1991ع کان اڄ تائين جيڪي ڊراما ڪيا آهن، تن ۾: ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، ڏئي جان ڇڏاءِ، پئسي جو ڪمال آ، اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر، بيروزگار عاشق، پيار وڇڙي ويو، مجبور ماڻهو، جاهل، انسان، زندگي روپ هزار، ڇورا ڇڇورا، شھيد نياڻي، عشق آٽوميٽڪ، عاشق زهر پياڪ، نازڪ ناتا نينھن جا، دغا باز، ظالم، سنگدل، واندو ناهيان انتظار ڪر، هڻ تہ چتي، نواب خان، ڏهڪاءُ، ظلم جي ننگري، قيدياڻي، ماستر ڏچي ۾، مسٽر موالي، مسٽر ناڪي منشي، جيڪو نياڻيءَ جو نصيب، سزا پيار جي، طلاق، زهر جن جي زندگي، داداگير، طوفان، تو کان ٿيندي ڌار ۽ ٻيا شامل آهن. اسد ڪورائي 100 جي قريب اسٽيج ناٽڪ ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ ايڪٽيھہ وڊيو فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جن مان 26 رليز ٿيون آهن. انهن وڊيو فلمن ۾ ’شڪست‘، ’چڪر باز‘، ’درٻاريار‘، ’حبدار علي‘، ’مان صدوري آهيان‘، ’جاڳ سنڌي‘، ’خطرناڪ حسينہ‘، ’ضدي شير‘ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. هن ڪيترن جونيئر ۽ سينيئر هدايتڪارن، فنڪارن ۽ ليکڪن سان گڏ ڪم ڪيو آهي. سندس استاد سنڌ جو مشھور ڪاميڊين عبدالله ملاح آهي. جهولي لال آرٽ سرڪل دادوءَ طرفان اسد ڪورائيءَ سان رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ سندس فني خدمتن عيوض کيس 30 اجرڪن جا تحفا ۽ ٻيون سوکڙيون پيش ڪيون ويون. هن رهاڻ ۾ دادو، ميهڙ کان سواءِ جوهي، سيوهڻ، ڀان، ڦلجي اسٽيشن، موري ۽ ٻين شهرن جي فنڪارن شرڪت ڪئي. هن وقت دادوءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ اسد ڪورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.01.01  عيسوي

رسول بخش عرف اسد ڪورائي، خدا بخش ڪورائيءَ جي گهر ۾ پهرين جنوري 1972ع ۾ ڪاٺياواڙي پاڙي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام نبي سمو
شيخ عزت ﷲ ٺٽوي
پير ڀلڻ شاھہ جيلاني
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
سيد عبدالرحيم موسوي
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
ارون ڌتي راءِ
فيض بخشاپوري
پٺاڻ آغا طارق
آءِ آءِ چندريگر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون