اسد ﷲ شاھہ بيخود حسيني

اسدالله شاھہ ”بيخود“ حسيني: ڊاڪٽر اسدالله شاھہ ”بيخود“ حسيني ولد سيد بخش شاھہ 12 اپريل 1931ع تي ڳوٺ ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. پاڻ مشھور شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر اسدالله شاھہ مشرقي ۽ مغربي علمن جي تحصيل ۽ تڪميل جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ انگلينڊ جي علمي ادارن کان مستفيد ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي 1957ع ۾ پاس ڪري ساڳئي سال لنڊن روانو ٿيو. اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) بہ ڪيائين. شاھہ صاحب ڊاڪٽريٽ جي امتيازي ڊگري ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. جنهن لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”ايران ۾ تيمور دور ۾ مذهبي طبقن جو معاشري ۽ سياست تي اثر.“ 1960ع ۾ واپس وطن آيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فارسيءَ شعبي ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. هن 1953ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، شاعريءَ جي حوالي سان پهريائين مولانا غلام محمد گرامي صاحب سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ سائين مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت نصيب ٿيس. شاھہ صاحب غزل، نظم، آزاد نظم، رباعي، قطعي، ڪافي ۽ بيت وغيرہ تي طبع آزمائي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب اعليٰ پايي جو نثر نويس پڻ هو. شاھہ عبداللطيف جي فن ۽ فلسفي جي تشريح جي سلسلي ۾ لکيل سندس مضمون زبان جي سلاست ۽ انداز بيان جي لحاظ کان سنڌي نثر ۾ خاص اهميت رکن ٿا: جھڙوڪ شاھہ جي سسئي، شاھہ جي سهڻي، شاھہ جي مومل ۽ شاھہ جي مارئي وغيرہ. کيس خاڪا لکڻ تي پڻ وڏي دسترس حاصل هئي. ان سلسلي ۾ ”منهنجا آشنا اديب“ جي عنوان هيٺ اهڙا تہ دلڪش خاڪا لکيائين، جو پڙهندڙ جي اڳيان شخصيت کي هوبهو بيهاري ڇڏيائين. ان کان علاوہ هيٺيان ڪتاب پڻ تاليف ڪيائين. ”پيغام غمگسار عرف حافظ شاھہ جو ڪلام“ (1954ع)، ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ (1959ع)، ”تاريخ جو فلسفو“ (ابن خلدون جي مقدمي جو انگريزيءَ تان ترجمو: 1966ع) “، ”ڪليات دلگير“ (ترتيب: 1968ع) ۽ ”يادگار لطيف“ وغيرہ. سنڌي ٻوليءَ جو هي گهڻگهرو، 24 جولاءِ 1981ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.04.12  عيسوي

اسدالله شاهه بيخود حسيني30 نومبر 1868ع ڌاري، ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو


1981.07.24  عيسوي

اسدالله شاهه بيخود حسيني 24 جولاءِ 1981ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڄڙ سرفراز
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
مخدوم محمد صالح سيوهاڻي
علي دوست عاجز
امر ساهڙ
شھباز علي ملازم سروري
رضوان گل
سڪندر خان کوسو
قربان جهتيال
امداد حسيني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون