اسرار شام

اسرار شام

اسرار شام

اسرار شام: سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام جو جنم 29 مارچ 1954ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد جمعو ميمڻ هو. اسرار جو اصل نالو اسرار احمد ميمڻ آهي. هو ابتدا ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ اخبار جو اسٽاف رپورٽر رهيو، بعد ۾ 1987ع کان وٺي سنڌي ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، معلوماتي ۽ تفريحي ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن جو نالو ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ رکيائين. هن وقت تائين ان ڪتابي سلسلي جا 60-70 کان وڌيڪ ڪتابڙا منظرعام تي اچي چڪا آهن. پاڻ وقت بوقت سنڌي ٻارڙن لاءِ مختلف تفريحي پروگرامن جو بندوبست پڻ ڪندو رهيو آهي. سنڌي ۽ اردو اسٽيج ڊرامن جي فيلڊ ۾ بہ وڏو حصو ورتو اٿس. مشھور اسٽيچ ناٽڪ ”لوئي لڄ“ جي گولڊن جوبلي شو تي کيس سونو تاج پهرايو ويو. سندس طويل انٽرويوءَ تي مشتمل ڪتاب ”آئون ڪو ڄاڻان“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن تہ پندرهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب اٿس. سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ ٻلا ڏنا ويا. اسرار شام 17 جون 2014ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.


لفظ اسرار شامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.03.29  عيسوي

سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام جو جنم 29 مارچ 1954ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو.


2014.06.17  عيسوي

اسرار شام 17 جون 2014ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عالم سجاولي پير
ڏيپلائي محمد علي
سليم سولنگي
جوگندر پال
سحر انصاري
مرتضيٰ سيال
ڪيرت ٻاٻاڻي
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
موهن لعل شرما ڊاڪٽر
اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون