اسرافيل عليہ السلام: حضرت اسرافيل عليہ السلام هڪ وڏو فرشتو آهي. مسلمانن جي عقيدي موجب حضرت اسرافيل عليہ السلام قيامت واري ڏينهن صور يا ناد ڦوڪيندو، تہ دنيا جا سمورا ماڻهو مري ويندا. جڏهن ٻيو دفعو صور ڦوڪيندو تہ سڀئي ماڻهو ٻيهر زندھہ ٿي ويندا، ۽ حشر واري ميدان ڏانهن ڀڄندا ايندا، جتي سندن عملن جو حساب ڪيو ويندو. اهو عقيدو مسلمانن کان سواءِ عيسائين ۾ پڻ موجود آهي.