اسلاميہ پرنٽنگ پريس حيدرآباد

اسلاميہ پرنٽنگ پريس حيدرآباد:محمد عثمان ڏيپلائي هن پريس جو پايو سن 1948ع ۾ وڌو. ڏيپلائي صاحب ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن جي تحريرن جي ڇپائيءَ جو اهتمام اسلاميہ پرنٽنگ پريس ۾ ٿيو، جن ۾ سائين جي ايم سيد، محمد خان ”مجنون“، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا حاجي احمد ملاح، ابن حيات پنهور وغيرہ شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ پنهنجا ڪتاب 1957ع کان اسلاميہ پريس ۾ ڇپائڻ شروع ڪيا. انهن ڪتابن ۾ ”زينت“، ”چچ نامہ“، ”فيروز دل افروز“ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا مرتب ڪيل لوڪ ادب سلسلي جا ڪتاب وغيرہ شامل آهن. ان کانسواءِ ماهوار ”انسان“ هفته وار ”انسان“، ماهوار، هفته وار ۽ روزنامه ”عبرت“، ماهوار ”پرھہ ڦٽي“، روزنامه ”سنڌ ٽائيمز“ ۽ ماهوار ساڻيھہ ڊائجيسٽ پڻ هتان شايع ٿيندا هئا. هن پريس ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن جا ڪتاب بہ ڇپبا رهندا هئا. هن پريس کي سن 1973ع ۾ ٿيل لساني فسادن ۾ متعصب فسادين باھہ جو نشانو بنايو، جنهن ۾ گهڻو رڪارڊ تلف ٿي ويو.


لفظ اسلاميہ پرنٽنگ پريس حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو