اسلام آباد 2

اسلام آباد 2: هن نالي سان سنجهوري، ڏهرڪيءَ ۾ جدا جدا ڳوٺ آباد آهن. تعلقي سنجهوري جي ديھہ ”جمڙائو -41“ ۾ آباد ڳوٺ ۾ رهندڙن جو تعداد 2 سئو جي لڳ ڀڳ آهي. هتي پرائمري اسڪول آهي. هن ڳوٺ کي ”پٺاڻن جي ڳوٺ“ جي نالي سان پڻ سڏبو آهي. ٻيو ڳوٺ تعلقي ڏوڪيءَ جي ديھہ ”ڳيريلي“ ۾ آباد آهي، جنهن ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو رهندڙ آهن. ٽيون ڳوٺ تعلقي ڪنڌڪوٽ جي ديھہ ”ملوڪان“ ۾ اسلام خان جي نالي سان موجود آهي، جيڪو نواب اڪبر بگٽيءَ جي چاچي اسلام خان ٻڌايو هو، جتي ڪافي ماڻهو رهندڙ آهن. حيدرآباد شھر ۾ بہ اسلام آباد نالي هڪ پاڙو يا محلو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو