اسلام ڳڙھہ جو قلعو: مٺيءَ کان ٢٨ ميل پري هي قلعو ميرن جي دور ٩٥- ١٧٩٠ع مير فتح خان جي وقت جو آهي. ھي قلعو مير فتح علي خان ٺھرايو. تعمير تي ١٢ لک خرچ آيو. قلعي جي چئني ڪنڊن تي پھڻ استعمال ڪري ٺلھہ ٺاھيا ويا. انھن پھڻن جي ڊيگهہ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ فوٽ، وڌ ۾ وڌ ٣ فوٽ آھي. قلعي جي ڊيگهہ ١٢٠ فوٽ ۽ ويڪر ١٠٠ فوٽ آھي. سرحد کي ويجهو ھئڻ سبب ڀتيون مضبوط آھن. روايت آھي تہ قلعي اندر سوا سؤ سپاھين جي مستقل رھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. ان کان سواءِ بارود خانو الڳ ۽ ھڪ جيل بہ ٺھيل ھو. کوٽائيءَ دوران (١٨٨٤ع) توبن ۽ بندوقن جا ڀڳل ٽڪرا ھٿ آيا. ديوارون ٣٠ فوٽ اوچيون ۽ ڪنڊن تي برج ٺھيل هئا. ھڪ برج تي گيٽ بہ ٺاھيو ويو ھو. گيٽ اوڀر طرف ھو. مير صوبدار خان پنھنجي چاچن جي خلاف بغاوت ڪئي، تڏھن اسلام ڪوٽ ۾ ويھي جنرل ھوش محمد جي معرفت لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. ١٩٣٢ع ۾ کوسن ڪوٽ کي ڦريو. وري ١٩٢٢ع ۾ ميرخان کوسي هن قلعي يا ڪوٽ کي لٽيو. ھاڻي اسلام ڪوٽ جو اسڪول ھن ھنڌ ٺھيل آھي.