اسلم خيال

اسلم خيال: سيد محمد اسلم زيدي اردو جو معروف مرثيہ ۽ غزل گو شاعر، اديب ۽ مترجم 1942ع تي حسين پور (مشرقي پنجاب) ۾ پيدا ٿيو. اسلم خيال کي اردو، سنڌي ۽ پنجابي زبانن تي دسترس حاصل هئي. سندس هي تصنيفون آهن: 1. سرشاخ جان (اردو غزليات)، 2. شمع هر رنگ ۾ جلتي هي (غالب جي غزلن جي بحرن تي غزلن جو مجموعو)، 3- امام الڪلام، ڪلام الامام (سنڌي ترجمو مختصر نهج البلاغه)، 4- اردو ترجمه تاريخ شيعت (سنڌي ڪتاب)، 5- سنڌي ترجمو گيتانجلي (ٽيگور). سندس وفات 30 جولاءِ 2003ع ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاھہ خيرپور ۾ آهي.


لفظ اسلم خيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.00.00  عيسوي

سيد محمد اسلم زيدي اردو جو معروف مرثيه ۽ غزل گو شاعر، اديب ۽ مترجم 1942ع تي حسين پور (مشرقي پنجاب) ۾ پيدا ٿيو.


2003.07.30  عيسوي

اسلم خيال 30 جولاءِ 2003ع ۾ وفات ڪري ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنھا سيف بخاري
زاهد ڪنڀار
شبنم موتي
پارس رياض ملاح
زين العابدين شاھہ زينل پير
علي گل سانگي
اسير ملاح
فقير خير محمد صوفي
شبير هاتف
محمد حسين شوقي ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون