اسماعيلي

اسماعيلي: شيعن جو هڪ فرقو، جيڪو ”شيعا اماميہ اسماعيليہ“ سڏبو آهي. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام پنھنجي وفات (148ھہ/765ع) وقت، پنھنجي وڏي فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام کي پنهنجو وصي مقرر ڪيو. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام کي ست پٽ هئا: (1) حضرت اسماعيل، (2) حضرت عبدالله، (3) حضرت موسيٰ ڪاظم، (4) حضرت اسحاق، (5) حضرت عباس، (6) حضرت محمد ۽ (7) حضرت علي. انهن مان هرهڪ فرزند امامت جي دعويٰ ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هڪ کان وڌيڪ فرقا پيدا ٿيا. انهن ۾ مشھور موسويہ ۽ اسماعيليہ فرقا ٿيا. اسماعيلي فرقي وارا حضرت اسماعيل بن جعفر صادق جي امامت جا قائل آهن.
اسماعيلين جي دعويٰ آهي تہ امامت ﷲ سائينءَ طرفان عطا ٿيندي آهي. هڪ گروھہ جو خيال آهي تہ جڏهن حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام، حضرت اسماعيل کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو، ان کان پوءِ هو (حضرت اسماعيل) جلدي وفات ڪري ويو، جنهنڪري پوءِ سندس ٻئي فرزند حضرت موسيٰ ڪاظم کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو هئائون.
ٻئي گروھہ جو خيال آهي تہ حضرت امام جعفر صادق پهرين پنھنجي وڏي فرزند، حضرت اسماعيل کي پنهنجو جاءِ نشين بڻايو، پر پوءِ ڪنهن ڳالھہ تان مٿن ناراض ٿي پيا ۽ حضرت اسماعيل کان اهو حق واپس وٺي، ٻئي فرزند حضرت موسيٰ ڪاظم کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو.
بهرحال، جڏهن حضرت امام جعفر صادق هي جھان ڇڏيو، تڏهن شيعا ٻن مکيہ گروهن ۾ ورهائجي ويا. اهو گروھہ، جنهن حضرت اسماعيل کي پنهنجو امام تسليم ڪيو، اهي ٿيا اسماعيلي، ۽ جن حضرت موسيٰ ڪاظم کي پنهنجو امام مڃيو، اُهي موسوي ٿيا.
اسماعيلين، حضرت اسماعيل کان پوءِ سندس فرزند حضرت محمد بن اسماعيل کي پنهنجو امام مڃيو. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي اسماعيلي پنھنجي ارڙهين امام، حضرت امام مستنصر بالله تائين متحد رهندا ۽ فاطمي خلافت جي حيثيت ۾ حڪومت ڪندا آيا.
اُن کان پوءِ مصر جي فاطمي خليفي ۽ حضرت امام مستنصر باالله جي وفات کان پوءِ اسماعيلي اڳتي ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا اُهي، جن حضرت امام مستنصر بالله جي وڏي فرزند، حضرت شاھہ نظار کي پنهنجو امام مڃيو، سي ٿيا اسماعيلي نظاري، ۽ اُهو گروھہ جنهن امام مستنصر بالله جي ٻئي فرزند حضرت مستعليءَ کي پنهنجو امام مڃيو، سي ٿيا اسماعيلي بوهره.
اسماعيلي نظارين جا داعي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل هئا. يمن، عدن، ايران، سنڌ، افغانستان، چين، وچ مشرق ايشيا، تيونس ۽ موراڪو وغيرہ ملڪن ۾ اسماعيلي نظاري پنھنجي تبليغ ۾ ڪامياب ٿيا، يعني انهن داعين، مشرق، مغرب ۽ آفريڪا، يمن ۽ برصغير پاڪ ۽ هند ۾ پنهنجا حامي پيدا ٿيا.
اسماعيلي نظارين جي عقيدي موجب امام هر زماني ۾ حاضر رهڻو آهي، يعني اِهي حاضر امام ۾ يقين رکندا آهن. اُن کي خدا جو پاڇو مڃيندا آهن. سندن عقيدي موجب دنيا جو ڪوبه زمانو، امام جي وجود کان خالي رهڻو نہ آهي. اهڙيءَ طرح اسماعيلي امامت جو سلسلو جاري آهي. هن وقت شاھہ ڪريم الحسيني آغاخان، سندن اوڻونجاهون حاضر امام آهي.
نظاري اسماعيلين جا داعي سڄي دنيا ۾ موڪليا ويا. اهي داعي هند ۽ قديم سنڌ ۾ پهتا هئا. سنڌ ۾ عبدالله بن خليع جي ڀائٽي ”هيشم“ کي 270ھہ/883ع ۾ داعي ڪري موڪليو ويو. اُن کان پوءِ مصر جي فاطمي خليفي معزالدين (365_341ھہ/975_952ع) بن شيبان'>جلم بن شيبان کي سنڌ ۾ داعي ڪري موڪليو، جنهن ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ڪئي ۽ فاطمي خليفي جو سڪو ۽ خطبو جاري ڪيو. ملتان تي هي پهريون اسماعيلي حڪمران هو. 396ھہ/1005ع ۾ جڏهن محمود غزنويءَ ملتان فتح ڪيو، تڏهن ملتان جو والي شيخ ابوالفتح بن نصر'>دائود بن نصر، اسماعيلي حاڪم هو. هيءُ شيخ حميد جو پوٽو هو. محمود غزنويءَ 401ھہ/1010ع ۾ ملتان تي آخري حملو ڪيو. ملتان مان اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آڻي، شيخ بن نصر'>دائود بن نصر کي قيد ڪري غزنيءَ وٺي ويو.
سنڌ جي مشھور محقق مرحوم عبدالله ورياھہ کي شيخ بن نصر'>دائود بن نصر جا سڪا هٿ آيا هئا. ملتان مان جيئن ئي اسماعيلي حڪومت ختم ٿي، تہ اسماعيلين منصوره تي حڪومت شروع ڪئي.
اُن کان پوءِ فاطمي خليفي مستنصر بالله (427ھہ_ 487، /1053_1094ع) جي دور (سن 450ھہ/1058ع) ۾ داعي احمد، عبدالله ۽ نورالدين (نوراحمد) هندستان ۽ سنڌ ۾ آيا. داعي احمد ۽ عبدالله جون قبرون اڄ بہ ڪڇ ۽ کنڀات ۾ اسماعيلين جون زيارتگاهون آهن. ٽيون داعي نورالدين (نورمحمد)، موجودہ ڀارت جي آنڌراپرديش علائقي يعني دکن طرف تبليغ لاءِ ويو. هن اورنگ آباد جي ڀرپاسي ۾ اسماعيلي دعوت جو ڪم ڪيو. هن وقت سندس قبر اورنگ آباد کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ ’ڊونڊ‘ ۾ آهي، جيڪا مزار ”مولائي صاحب“ جي نالي سان مشھور آهي.
ساڳئي دور ۾ هڪ داعي فخرالدين کي گجرات طرف موڪليو ويو، جنهن کي سفر دوران ڀيلن شھيد ڪري ڇڏيو. اهو داعي ڳوٺ گليا ڪوٽ ۾ دفن آهي. انهن داعين جي گجرات ۾ اچڻ ڪري هن علائقي ۾ اسماعيلين جي آبادي ڪافي تعداد ۾ آهي.
سنہ 270ھہ/883ع ۾ جڏهن سنڌ تي هباري حڪمران عبدالله بن عمر هباريءَ جي حڪومت هئي تہ ان وقت داعي هيشم کي سنڌ موڪليو ويو. منصوره ۽ ملتان ۾ گهڻي تعداد ۾ علوي بہ رهندا هئا، جن جون وڏيون وڏيون جاگيرون هونديون هيون، اُنهن مان گهڻا اسماعيلي هئا.
جڏهن داعي حلم بن شيبان ملتان پهتو، تڏهن سڀني علوين گڏجي سندس حمايت ڪئي، انهيءَ ڪري بن شيبان'>جلم بن شيبان آسانيءَ سان ملتان تي قبضو ڪيو.
سنڌ تي پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ مصر جي خليفي سيدنا الحاڪم سنڌ جي سومري سردار کي شيخ جو خطاب ڏنو ۽ کيس تلقين ڪيائين تہ هو سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت واپس قائم ڪري، نيٺ اسماعيلين پاڻ ۾ گڏجي منصوره جي هباري حڪومت کي ختم ڪيو ۽ 410ھہ/1019ع ۾ منصوره تي پنھنجي حڪومت قائم ڪيائون ۽ ابن سومر راجپال کي پنهنجو سردار چونڊيائون. آخر ۾ محمود غزنويءَ سومناٿ تي چڙهائيءَ وقت پهرين 416ھہ/1025ع ۾ منصوره تي حملو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آندو.
سيد سليمان ندويءَ ۽ ٻين محققن جي راءِ ۾ سنڌ جا سومرا، اسماعيلي هئا ۽ اهڙيءَ طرح لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ سال سومرن جي دور تائين سنڌ ۾ اسماعيلي حڪمران رهيا.
محترم عبدالله ورياھہ جي راءِ آهي تہ محمود غزنويءَ جي حملي کان پوءِ بہ سومرا پنھنجي عقيدي يعني اسماعيلي هجڻ تي قائم رهيا ۽ پاڻ کي شيخ جي اسماعيلي لقب سان سڏائيندا هئا؛ جيئن:
(i) شيخ خفيف 401ھہ_ 416ھہ/1025ع
(ii) شيخ سومر 1 416ھہ_ 422ھہ/1030ع
(iii) شيخ راڄپال 422ھہ_ 441ھہ/1049ع
(iv) شيخ سومر 2 411ھہ_ 446ھہ/1054ع
محترم عبدالله ورياھہ جي راءِ موجب سنڌ ۾ سومرن جي مشھور قديم شھر ۽ سندن تخت گاھہ ”محمد طور“ مان سومرن جي دور جي حاڪمن جي نالي جا سڪا پڻ لڌا آهن، جن تي هنن پاڻ لاءِ شيخ جو لقب استعمال ڪيو آهي. اهڙن سومرن حاڪمن ۾ هيٺ ڏنل نالا شامل آهن:
(1) شيخ محمد (محمد طور سومرو)
(2) شيخ پاٺو (پتو، پٺو/ڦوٽو/فتح)
هنن سڪن تي ڪوبه سن يا ڪنهن ضرب خاني جو نالو لکيل نہ آهي، ان ڪري خبر نہ ٿي پوي تہ سندن حڪومت جو دور ڪهڙو هو ۽ هي سڪا ڪهڙي شھر جي ضرب خاني مان جاري ڪيا ويا هئا.
اهڙيءَ طرح قديم سنڌ (پنجاب ۽ ڪشمير سميت) تي هڪٻئي پٺيان داعي ناصر خسرو، داعي پير شمس الدين (شمس سبزواري ملتاني)، داعي صلاح الدين، داعي پير شھاب الدين، داعي پير صدرالدين، داعي پير حسن ڪبيرالدين، داعي پير امام شاھہ ۽ داعي پير تاج الدين (شاھہ طريل) اسماعيلي تبليغ ۾ رڌل رهيا.
اُهي ماڻهو جيڪي پير ناصر خسروءَ جي هٿ هيٺ اسماعيلي فڪر ۽ فرقي ۾ داخل ٿيا، اُهي ”مولائي“ سڏجڻ ۾ آيا، جيڪي پير شمس جي هٿ هيٺ مسلمان ٿيا، اُهي ”شيخ“ يا ”شمسي“ سڏجڻ ۾ آيا، جيڪي پيرصدرالدين جي هٿ هيٺ مسلمان ٿيا، اُهي ”خواجہ/خوجا/کوجا“ سڏجڻ ۾ آيا ۽ اُهي جن گجرات ۾ پير امام شاھہ جي هٿ هيٺ اسلام قبول ڪيو، اهي ”مؤمن“ سڏجڻ ۾ آيا. وچ مشرق يعني تاجڪستان ۽ بدخشان ۾ اسماعيلين کي ’پاميري‘ چوندا آهن.


لفظ اسماعيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو