اسماعيليه ائسوسيئيشن، ڪراچي: هيءَ اسماعيلي فرقي جي تنظيم آهي، جنهن جي طرفان امام الزمان جا ارشاد سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ماهوار ”فرمان بليٽن“ جي عنوان سان شايع ٿيندا آهن ۽ ڪيترائي مذهبي ڪتاب پڻ ڇپايا ويا آهن. هن اداري طرفان اسماعيلي عقيدي جي اٺيتاليهين امام، سر سلطان محمد شاھہ آغا خان ٽئين جي ”خود نوشتہ سوانح عمري“ ۽ ”تاريخ امامت“ مکيہ ڪتاب شايع ڪيل آهن. اهڙا ڏهاڪو کن ڪتاب هن اداري ڇپايا آهن. هن اداري جي فرضن ۾ اهو بہ شامل آهي تہ اسماعيلي ٻارن لاءِ سانجهيءَ واري وقت، مذهبي تعليم لاءِ، ڪلاسن هلائڻ جو بندوبست ۽ مذهبي تعليم جي سلسلي ۾ پوري ملڪ ۾ انتظام ڪري، واعظين ۽ مذهبي تعليم جي استادن جي سکيا جو ڪم بہ ڪري. هاڻي هن تنظيم کي ’اسماعيلي طريقہ بورڊ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.