اسماعيل تارا

اسماعيل تارا

اسماعيل تارا

اسماعيل تارا: پاڪستان ۾ اسٽيج ۽ ٽي. وي جو مشھور مزاحيه اداڪار اسماعيل تارا 16 نومبر 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هي 1980ع کان اداڪاريءَ سان وابسته رهيو. هن ڪيترن ئي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو پر سندس شھرت پي. ٽي. وي جي مزاحيه خاڪن تي مشتمل ”ففٽي ففٽي“ شو جي ڪري ٿي، جنھن ۾ هن اداڪاريءَ کانسواءِ ڪجهه خاڪا به لکيا. هن ٽي. وي ۽ اسٽيج ڊرامن کانسواءِ 14 پاڪستاني فلمن ۾ به ڪم ڪيو. کيس ’تمغهء حسن ڪارڪردگي‘ صدارتي اوارڊ ۽ ڪيترائي ڀيرا ’نگار اوارڊ‘ مليا. اسماعيل تارا گڙدن جي بيماري سبب بھادر آباد (ڪراچي) جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو ۽ گڙدا فيل ٿيڻ سبب 24 نومبر 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس چئن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


لفظ اسماعيل تاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.11.16  عيسوي

پاڪستان ۾ اسٽيج ۽ ٽي. وي جو مشھور مزاحيه اداڪار اسماعيل تارا 16 نومبر 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.


2022.11.24  عيسوي

اسماعيل تارا گڙدن جي بيماري سبب بھادر آباد (ڪراچي) جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو ۽ گڙدا فيل ٿيڻ سبب 24 نومبر 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانا سي راٺوڙ
جمعو فقير جوڙ
پير مٺا سائين حضرت خواجه محمد عبدالغفار
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
ڀٽائي شاهه عبداللطيف
ڪلياڻ آڏواڻي
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
احمد خان چانڊيو
محب ڀيل ڪامريڊ
عتيقه اوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون