اسماعيل رنگريز جو دستخط نسخو

اسماعيل رنگريز جو دستخط نسخو: شاھہ جي رسالي جو هڪ قلمي نسخو، جيڪو سُر ڪلياڻ سان شروع ٿئي ٿو. هيءُ نسخو اسماعيل بن محمد صالح رنگريز (ويٺل شھر نظاماڻي، تعلقي خيرپور رياست) جمعي جي ڏينهن، تاريخ 17 جمادي الثاني 1334ھہ/1915ع تي لکي پورو ڪيو. هن ۾ 36 سر، 4985 بيت ۽ 344 وايون ڏنل آهن. هيءُ رسالو سيد محمد بخش شاھہ عرف پير محمد جڙئي ڀٽائيءَ کي تعليم ڏيڻ لاءِ، سندس والد شيرمحمد شاھہ ڀٽائيءَ لکايو هو. مرحوم پير محمد جڙئي جي چوڻ مطابق، هن ساڳئي ڪاتب ٽيھہ کن رسالا لکيا هئا. هيءُ نسخو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ ’ڪلياڻ‘ کان ’کاهوڙيءَ‘ تائين ۽ ٻئي حصي ۾ ’رامڪليءَ‘ کان ’بسنت‘ تائين سر ڏنل آهن. ڪن سرن بابت ڪاتب پنھنجي طرفان ڪي اشارا قلمبند ڪيا آهن، جيئن تہ:
سر سورٺ جي ابتدا: ”هيءُ سر ”سورٺ“ جو آهي. ظاهر ڳالھہ آهي تہ راءِ ڏياچ جو سِر ٻيجل کي مليو هو صدا ڪرڻ تي، مگر بادشاھہ مرشد ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام مان هن عاجز جي عقل موجب معراج جو بيان معلوم ٿئي ٿو....“ الخ.
بَروي هنديءَ جي ابتدا: ”هن سر ۾ حضرت بادشاھہ ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت تصنيف ڪيل نہ آهن، مگر پارسي بيت، مثنوي ۽ ٻين معتبر ڪتابن مان چونڊي ۽ ساڌو ڪبير جي سُرن جي ميلاپ لاءِ رسالي ۾ لکيل ٿا ڀانئجن....“ الخ
بروي سنڌيءَ جي ابتدا: ”بروو سنڌي، حضرت ڀٽ ڌڻي رحمة عليہ عشق جي باري ۾ چيو آهي....“ الخ
ڍول مارو جي ابتدا: ”وڏن فقيرن جي ڳالھہ تہ مرشد جو ڪلام نہ آهي.“
هير رانجهي جي ابتدا: ”هير رانجهي جو سُر، فقيرن جي چوڻ موجب تہ بادشاھہ مرشد ڪريم جو چيل نہ آهي، باقي سرن جي ميلاپ لاءِ چيل ٻين جو آهي ۽ رسالي شريف ۾ لکيو اٿن....“ الخ


هن صفحي کي شيئر ڪريو