اسماعيل شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ: هي مقبرو تورڪي قبرستان (نصرپور لڳ) واقع آهي ۽ ارغون ترخان دور سان تعلق رکي ٿو. ميين ونھين جي مقبري کان اولھہ ۾ ھڪ سفيد قبو، اسماعيل شاھہ بخاريءَ جي مزار آھي. ڪوبه ڪتبو وغيرہ لڳل ڪونه آھي. مزار جي دروازي تي نھايت نفيس ڪم ٿيل آھي. پاڻ مٽيارين جو ويٺل ھو. ميين ونھين جو ھم عصر ھو. ميين ونھين جي وفات کان پوءِ ھن بزرگ بہ جھان ڇڏيو. اتي ھر سال ميلو لڳندو آھي.