اسماعيل عليہ السلام

اسماعيل عليہ السلام: حضرت اسماعيل پاڪ جو پيغمبر، حضرت ابراهيم عليہ السلام جو فرزند، اڪبر ۽ بنو قريش خاندان جو پڙ ڏاڏو هو. پاڻ 2248 ق. م ڌاري پيدا ٿيو. سندس لقب ”ذبيح ﷲ“ هو. بائيبل جي بيان موجب پاڻ ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام جي عمر 86 ورهيہ هئي ۽ ان کي عنعان ۾ پهچندي يارهن سال گذري ويا هئا. پاڻ 13 ورهين جو هو تہ بيبي ساره کي حضرت اسحاق عليہ السلام پيدا ٿيو. حضرت ساره ۽ حضرت هاجره جي اختلافن جي ڪري حضرت ابراهيم بيبي هاجره ۽ حضرت اسماعيل کي وٺي اتي پهتو، جتي هن وقت مڪي جو شھر آهي. ان وقت حضرت اسماعيل اڃان کير پياڪ هو، جڏهن پنھنجي والدہ سان گڏ حضرت ابراهيم ڇڏي ويو. ذبح جو واقعو ان کان پوءِ جو آهي. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو جو حضرت ابراهيم عليہ السلام کي فرزند جي قربانيءَ جو حڪم مليو، ان بعد حضرت اسماعيل کان راءِ پڇي وئي، پاڻ تعاليٰ جي رضامنديءَ جو احترام ڪندي، پنھنجي والد محترم کي چيائون تہ ائين ئي ڪيو جيئن تعاليٰ جي رضا آهي. پوءِ حضرت ابراهيم اکيون ٻڌي حضرت اسماعيل کي ذبح پئي ڪيو تہ تعاليٰ جي طرفان جبرئيل عليہ السّلام حضرت اسماعيل جي جاءِ تي گهيٽو پيش ڪيو ۽ اهو ذبح ٿيو. تعاليٰ کي سندس اها قرباني قبول پئي. انهيءَ ڪري ئي حضرت اسماعيل ”ذبيح ﷲ“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. کين حضرت ابراهيم عليہ السّلام کانپوءِ نبوت ملي، 137 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. کين ٻارهن پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. پاڻ واپار بہ ڪندو هو. کين پنھنجي والدہ ماجده جي مزار جي ويجهو دفن ڪيو ويو.


لفظ اسماعيل عليہ السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2248.00.00  قبلِ مسيح

اسماعيل عليه السلام: حضرت اسماعيل الله پاڪ جو پيغمبر ، حضرت ابراهيم عليه السلام جو فرزند ، اڪبر ۽ بنو قريش خاندان جو پڙ ڏاڏو هو . پاڻ 2248 ق . م ڌاري پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رامسي تلسي
چنا صاحب خان
ڊيوڊورس سائڪيولس
ديوڪرن
ڀَرَتُ
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
بيگم فقيرياڻي
سڪينه سمون
شفيع اوڪاڙوي مولانا
جارج ايليٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون